اڏيرو لعل وليج: پسند جي شادي بعد مڙس کان ناراض ٿي گهر آيل ناري قتل

اڏيرولعل وليج (رپورٽ: معشوق علي قمبراڻي ) اڏيرولعل وليج ٿاڻي جي حد ۾ پسند جي شادي بعد مڙس کان ناراض ٿي مائٽن وٽ آيل ناري کي قتل ڪيو ويو، ڳوٺ عرضي هڪڙا ۾ جوابدار عامر ولد حاجن هڪڙو پنهنجي سڳي سئوٽ مسمات شالمين ولد رسول بخش هڪڙو کي پسٽل جا  فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو، هوڏانهن قتل جو ڪارڻ ٽي مهينا اڳ ناري پاران ٽنڊوآدم واسي ياسر لاکو سان پيار جو پرڻو ڪرڻ کانپوءِ تقريبن پندرهن ڏينهن کان مڙس سان ناراض ٿي پنهنجن مائٽن ڏي ترسيل هئي ته رات جو دير سان سئوٽ عامر هڪڙو گهر ۾ گهڙي پسٽل جا فائر ڪري ناري کي قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن اڏيرولعل وليج پوليس عورت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ مٽياري اسپتال موڪلي ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين اڏيرولعل پوليس جوابدار جي ڳولا لاءِ مختلف هندن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.