ايم ڪيو ايم مرڪز ۾ ليگي اڳواڻ جو موبائل فون گم

ڪراچي(رپورٽر) مسلم ليگ ن جو وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز بهادر آباد پهتو ته ن ليگ اڳواڻ اسد عثماني جو موبائل فون گم ٿي ويو.آچر تي مسلم ليگ (ن) جو وفد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان سان ڳالهين لاءِ بهادر آباد پهچي ويو.مسلم ليگ ن جي ذريعن موجب اسد عثماني جو موبائل فون بهادر آباد پهچڻ تي گم ٿي ويو، جيڪو هن وقت تائين نه ملي سگهيو آهي.

غزا ۾ زخمين جي فوري مدد ڪئي وڃي:پوپ فرانسس

ويٽيڪن سٽي(م ڊ) عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس مطالبو ڪيو آهي ته غزا ۾  زخمين جي فوري مدد ڪئي وڃي ۽ علائقي ۾ انساني امداد جي اجازت ڏني وڃي.ويٽيڪن سٽي ۾ پنهنجي هفتيوار دعا ۾، پوپ چيو ته هو هر روز اسرائيل ۽ فلسطين ۾ خوفناڪ صورتحال ۽ مصيبت تي پريشان آهي.پوپ فرانسس 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملي دوران حماس پاران يرغمال بڻيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڪراچي: سرجاڻي ٽائون ۾ ٽن  ٻارن جو پيءُ قتل، لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽر ) سرجاڻي ٽائون ۾ گهر مان هڪ شخص جو لاش هٿ آيو، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جو معائنو ڪرڻ بعد فرانزڪ ٽيم جي مدد سان ثبوت گڏ ڪيا، لاش کي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جي ترجمان موجب فوتي جي سڃاڻپ 45 ورهين جي عبدالساجد ولد عبدالشاهد جي نالي سان ٿي آهي، مقتول جي ننڍي ڀاءُ محمد ساجد جو چوڻ آهي ته مقتول 3 ٻارن جو پيءُ هو ، جڏهن ته سندس سڪيٽر سيون اي سرجاني ٽائون ۾ ايل پي جي جو رهواسي هو، عبدالله آباد ۾  سندس جا ايل پي جي گيس جا 2 دوڪان ۽ سرجاني ٽائون ۾ هڪ دوڪان آهي.

ڏکڻ آفريڪا جي پرڏيهي وزير پاران اسرائيلي وزيراعظم جي گرفتاري جو مطالبو

ڪيپ ٽائون(م ڊ) ڏکڻ آفريڪا جي پرڏيهي وزير غزه ۾ جاري بربريت جي ڪارروائي تي اسرائيلي وزيراعظم جي گرفتاري جو  مطالبو ڪيو آهي.هڪ اخبار لاءِ لکيل هڪ مضمون ۾، ڏکڻ آفريڪا جي پرڏيهي وزير نيليدي پانڊور چيو ته کيس اميد آهي ته عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.