ڏياري جو ڏڻ روشني ۽ خوشحالي جي علامت آهي: بلاول ڀٽو/ مريم نواز

ڪراچي (م ڊ)  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڏياري جو ڏڻ روشني ۽ خوشحالي جي علامت آهي، ڏياري جي موقعي تي  پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو  زرداري چيو ته ڏياري اوندهه ۾ روشني ۽ برائي خلاف چڱائي جي فتح جو پيغام آهي، پيپلز پارٽي بين  المذاهب رواداري، ڀائيچاري، هم آهنگي ۽ اتحاد ۾ يقين رکي ٿي، قائد عوام شهيد ڀٽو جي ڏنل آئين ۾ اقيلتين کي گڏيل حق ڏنا ويا ۽ شهيد محترمه  سڄي زندگي اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان جي ترقي جي لاءِ جدوجهد ڪئي، نه صرف هندو برادري جي جيالن کي اميدوار بڻايو پر انهن کي وڏي اڪثريت سان کٽرايو، ٻئي پاسي نواز ليگ جي چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته روشنين جي ڏڻ ڏياري تي هندو برادري کي تمام گهڻي مبارڪ پيش ڪيان ٿي، غير مسلم پاڪستانين کي فيصلا سازي ۽ ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ موقعو ڏينداسين، غير مسلم پاڪستانين جي حقن جو تحفظ هميشه کان اسان جي روايت رهي آهي ۽ ان روايت کي وڌيڪ جذبي ۽ آئين جي روشني ۾ اڳتي وڌائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.