ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري هندو برادري کي روشنين جي تهوار ڏياري جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هندو برادري ملڪ جي اڏاوت ۽ ترقي ۾ نمايان خدمتون نڀائي رهي آهي،خاص ڪري زراعت ،صنعت ۽ طب جي شعبن ۾ صوبي جي هندو برادري جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي مڪمل تحفظ حاصل آهي، ۽ کين پنهنجن مذهبي رسمن جي ادائيگي جي ڀرپور آزادي آهي.