وارهه (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته ڌاڙي ۽ ڏوهن کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمران سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، جيڪڏهن هو پنهنجي ضد تي قائم رهيا ته هڪ ٻٻرلوءِ نه، پر هزارين ٻٻرلوءِ ٿيندا.
وارهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رياض چانڊيو چيو ته سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرائڻ ڪافي ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ سان سچائي نه پئي ڪري، ان ڪري هو احتجاج لاءِ روڊن تي نڪتا آهن.
You might also like