ٺاروشاهه ڀرسان ڌاڙيلن پوليس اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو،ٻيو زخمي، شٽربند هڙتال

نوشھرو فيروز/ ٺاروشاهه (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو/ تنوير قريشي ) ٺاروشاهه ڀرسان درٻيلو ڪيلا پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن ھڪ پوليس اھلڪار جابر راجپوت کي گوليون هڻي شھيد ڪري ڇڏيو ، ھڪ اھلڪار سڌير کي  گوليون هڻي زخميءَ ڪري ڇڏيو ، شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٺاروشاھ ڀرسان درٻيلو مان ڏوھارين مھيسر ڳوٺ مان مينهن چوري ڪري اچي رهيا ھئا ته درٻيلو ڀرسان ڪيلا پڪٽ وٽ پوليس اھلڪارن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏوهارين ۽ پوليس ڏوھارن جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيو پر ڏوهارين پوليس وچ ۾ فائرنگ ٿي پئي نتيجي ۾ ھڪ پوليس اھلڪار جابر راجپوت موقعي تي شھيد ٿي ويو ۽ پوليس اھلڪار صدير لاڙڪ زخمي ٿي پيو، ڊي ايس پي ڀريا حبيب لاشاري ميڊيا کي ٻڌايو ته پيرا کڻي رھيا آھيون جلد ڏوھارن کي گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته نوشهروفيروز ۾  امن امان جي صورتحال انتهائي خراب بڻيل آهي، نگران صوبائي گھرو وزارت ڏوھارين خلاف آپريشن ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، ھڪ اھلڪار کي شھيد ڪرڻ ھڪ کي زخميءَ ڏوهارين جو ايس ايس پي نوشهروفيروز عابد بلوچ لاءِ چيلينج بڻيل آهي، مبينا اغوا بعد هڪ اهلڪار کي شهيد ڪرڻ واري واقعي خلاف درٻيلو شهر بند ٿي ويو، مبينا اغوا بعد هڪ اهلڪار کي شهيد ۽ ٻي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف درٻيلو شهر بند ٿي ويو، شهيد اهلڪار جابر راجپوت جي وارثن شهر بند ڪرائي ڇڏيو، ايس ايڇ او ٺارو شاهه ۽ پوليس چوڪي انچارج خلاف احتجاج ڪيو ويو، جابر راجپوت جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جو نوجوان شهيد ٿي ويو، هن وقت تائين ايس ايس پي نوشهروفيروز عابد بلوچ ناهي پهتو، روز روز اهلڪار شهيد ٿي رهيا آهن، انصاف ڪيو وڃي، ڊي ايس پي حبيب الرحمن لاشاري ٻڌايو ته شھادت اسان جي ميراث آھي ڊيوٽي ڪندي پنھجا فرض نڀائيندي جابر راجپوت شھيد ٿيو آھي جنهن جي شھادت کي سلام پيش ڪيون ٿا حملي آورن خلاف پيرا کڻي ڪارروائي ڪري رھيا آھيون پوليس مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي ڪنهن صورت به بخش نه ڪيو ويندو چور ڪيڏا به طاقتور ڇو نه ھجن قانون کان نه بچي سڳھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.