اسان بي اعتمادي نه پئي آندي،پ پ زور ڀريو: طلال چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته نوازشريف عوام جو لاڏلو آهي، اسان احتساب جي بيانئي بدران عوام چلهه وارو بيانيو  کنيو آهي، هڪ نجي ٽي  وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته نوازشريف کي ڪهڙيون سهولتون مليون آهن؟ هو اڄ به پيشيون ڀوڳي رهيو آهي، اسان جدوجهد ڪري ادارن کي انهن جي دائري ۾ ڌڪيو آهي، سنڌ،بلوچستان، ڪي پي جي ننڍين پارٽين کي گڏ کڻي هلنداسين، هن چيو ته اسان بي اعتمادي رٿ نه پئي آڻڻ چاهي، پ پ وارن اسان کي راضي ڪيو هو، حڪومت وٽ حڪومت نه اختيار به هئڻ گهرجي، اسان ووٽ کي عزت ڏيو واري بيانئي تي بيٺل هئاسين پر پاڪستان جو مسئلو غريب جي چلهه ٻرڻ آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.