پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي ڪرڻو آهي، جڏهن ته صوبي جي صورتحال بابت رپورٽ گهري وئي ته هو وفاق کي پنهنجي رپورٽ موڪلي ڇڏيندو.
پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت رپورٽ طلب ڪئي ته هو موجوده صورتحال بابت پنهنجا مشاهدا ۽ راءِ پيش ڪندو.
هن چيو ته وفاق کانسواءِ خيبر پختونخوا نٿو هلي سگهي، پر صوبائي حڪومت مسلسل وفاق سان محاذ آرائي واري سياست ڪري رهي آهي.
گورنر چيو ته ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو اختيار وفاقي حڪومت وٽ آهي، جڏهن ته صدر ۽ وزيراعظم ئي ان بابت فيصلو ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن وفاق سمجهي ٿو ته صوبي جون حالتون اهڙي قدم جو گهر ڪن ٿيون ته فيصلو به اهو ئي ڪندو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هو گورنر جي حيثيت سان جڏهن چاهي، چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس کي طلب ڪري سگهي ٿو.
سياسي صورتحال ۽ ڳالهين بابت هن چيو ته جيڪڏهن ڳالهين جي آڇ به قبول نه ڪئي وڃي ته پوءِ معاملا اڳتي وڌائڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.
پاڪستان تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي گورنر چيو ته پارٽي کي پهريان پنهنجن اندروني مسئلن جو جائزو وٺڻ گهرجي.
هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن پارٽي پنهنجي ماڻهن جو تحفظ نٿي ڪري سگهي ته پوءِ صوبي، عوام ۽ وسيلن جي حفاظت جي ذميواري ڪيئن نڀائيندي؟
پي ٽي آءِ سان منسوب مبينا آڊيو ليڪس بابت ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پارٽي جا اڳواڻ پاڻ ئي هڪ ٻئي جي حقيقت بيان ڪري رهيا آهن.
لانگ مارچ بابت هن چيو ته ان کي به ”لڪي سرڪس“ بڻايو ويو آهي، جتي شرڪت ڪندڙ هڪ شهر کان ٻئي شهر گهمي رهيا آهن. صوابي ۾ امڪاني جلسي بابت هن چيو ته هي صوابي نه ايندا، صوابي پار ڪري ڏيکارين.
گورنر راڄ جو فيصلو وفاق ڪندو، لانگ مارچ ”لڪي ايراني سرڪس“ بڻجي ويو آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
You might also like