ايران خلاف جنگ آمريڪا کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، 81 فوجي جهاز ۽ ڊرون تباهه، نقصان 3.3 ارب ڊالر تائين پهچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس جي بجيٽ آفيس (سي بي او) جي نئين رپورٽ موجب، هلندڙ سال ايران خلاف شروع ڪيل آمريڪي جنگ ”آپريشن ايپڪ فيوري“ دوران گهٽ ۾ گهٽ 81 آمريڪي فوجي جهاز ۽ ڊرون تباهه يا نقصان جو شڪار ٿيا آهن.
رپورٽ موجب، پهرين آگسٽ تائين هوائي اثاثن جي نقصان جو ڪاٿو 1.9 ارب کان 3.3 ارب ڊالر تائين لڳايو ويو هو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 28 فيبروري تي شروع ٿيل آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ اٺين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پر اڃا تائين مستقل جنگبندي ممڪن نه ٿي سگهي آهي.
متاثر ٿيل آمريڪي هوائي اثاثن ۾ 12 ايف-15 اي اسٽرائيڪ ايگل جنگي جهاز، هڪ ايف-35 اي لائٽنگ ٽو، ست ڪي سي-135 فضائي تيل ڀرڻ وارا جهاز ۽ 45 ايم ڪيو-9 ريپر ڊرون شامل آهن.
آمريڪي سامونڊي فوج جي اڳوڻي آفيسر ۽ دفاعي تجزيي نگار هارلن المين جو چوڻ آهي ته جديد جنگين ۾ گهٽ قيمت وارا ڊرون وڏين فوجي طاقتن لاءِ به سنگين خطرو بڻجي چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته ايران وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن ۽ اثاثن کي نشانو بڻائي نقصان پهچائڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
هن چيو ته ننڍا ڊرون به انتهائي قيمتي فوجي اثاثن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، جنهن جا مثال تازو تڪرار دوران نار ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ آيا آهن.
ماهرن موجب، جنگ جي بدلجندڙ نوعيت روايتي فضائي برتريءَ کي به چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.
روس ۽ يوڪرين جي جنگ جي تجربن جو حوالو ڏيندي تجزيي نگارن چيو آهي ته محدود وسيلن وارا ملڪ به ڊرون ٽيڪنالاجيءَ ذريعي وڏين فوجي طاقتن کي اثرائتو نقصان پهچائي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي جنگ جي وڌندڙ خرچن سبب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا تي سياسي دٻاءُ به وڌي ويو آهي.
انتظاميا مالي سال 2027ع لاءِ 1.5 ٽريلين ڊالرن جي دفاعي بجيٽ جي درخواست ڪئي آهي، پر ڪانگريس ۾ ان بابت سوال اٿاريا پيا وڃن.
گذريل مهيني 45 ڊيموڪريٽ سينيٽرن ۽ هڪ آزاد ميمبر دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٿ کي خط لکي جنگي خرچن جا مڪمل تفصيل عوام آڏو آڻڻ جو مطالبو ڪيو هو.
ڪانگريس جي بجيٽ آفيس جي هڪ ٻي رپورٽ موجب، پهرين آگسٽ تائين ايران سان جنگ تي آمريڪا جا خرچ لڳ ڀڳ 38 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا هئا.
هوڏانهن پينٽاگون رپورٽ ۾ ڄاڻايل نقصانن ۽ بجيٽ تي انهن جي امڪاني اثرن بابت وڌيڪ تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي.

You might also like