مسلم ليگ نواز ڏيڍ سال ۾ معيشت ٺيڪ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اڄ تائين ن ليگ کي شفاف اليڪشن ۾ اقتدار ناهي مليو، ن ليگ سنڌ جي لاءِ پريشان  نه ٿئي،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ مقابلو سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۾ آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڪامياب ٿيندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو،شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ن ليگ وارا چون ٿا سنڌ جي حالت خراب آهي، اسان کي ٻڌائين ته پنجاب ۾ هنن ڇا ڪيو آهي؟ سنڌ ۾ پ پ خلاف ڀلي جيترا به اتحاد ٺاهيا وڃن پر ناڪام ٿيندا،پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نٿا چاهيون ته 2024ع ۾ ڪنهن هڪ شخص کي ملڪ تي مڙهيو وڃي، عوام نااهلن کي رد ڪندو،  اڄ تائين ن ليگ کي شفاف اليڪشن ۾  اقتدار ناهي مليو، ن ليگ هميشه ڌانڌلي  ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي،ورهاست جي ڳالهه پي ٽي آءِ، ن ليگ ۽ ڪراچي جي پارٽي ڪئي، پ پ عوام جي خدمت ڪئي آهي، وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو، ايندڙ چونڊن مخالفن جو صفايو ڪري ڇڏينداسين، هن چيو ته پنجاب ۾ ن ليگ ايترو ناڪام ٿي چڪي آهي جو اتان کان ماڻهو علاج لاءِ سنڌ اچن ٿا، پ پ ڪڏهن به 90 واري ڏهاڪي جي سياست ورجائڻ جي ڪوشش نه ڪندي ان موقعي تي شرجيل ميمڻ هندو برادري کي ڏياري جون واڌايون ڏنيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.