مائنس عمران اليڪشن قبول ناهي، سياسي انجنيئرنگ ذريعي نوازشريف کي وزيراعظم بڻايو پيو وڃي: حامد خان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان چيو آهي ته سياسي انجنيئرنگ ڪري نوازشريف کي وزيراعظم بڻائڻ جو پلان  آهي، مائنس پي ٽي آءِ ۽ مائنس عمران خان اليڪشن قبول ناهي،سپريم ڪورٽ کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي،  هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته نگران حڪومت،اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊن لاءِ ذميواريون پوريون نه ڪري رهيون آهن ، ڪنهن شير افضل مروت کي نٿو سڃاڻان ،رئوف حسن کان علاوه ڪو به عمران خان جي ترجماني نٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ تمام وڏي سياسي انجنيئرنگ ڪئي پئي وڃي، عمران خان کي اليڪشن کان ٻاهر رکڻ جو پلان لنڊن ۾ تيار ٿيو،اها ڊيل اسٽيبلشمينٽ ۽ نوازشريف وچ ۾ ٿي آهي، نوازشريف اشتهاري ملزم رهيو آهي، هن کي پروٽوڪول ڏيڻ، سهولتون ڏيڻ ڪنهن پلان جو حصو آهن،  پي ٽي آءِ کي ليول پليئنگ فيلڊ کان ئي ٻاهر رکيو ويو آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، سمورين پارٽين کي برابر جا موقعا ملڻ گهرجن، هن چيو ته عمران خان کي چونڊن کان ٻاهر ڪيو ويو ته پوءِ اليڪشن جي ڪا به حيثيت نه رهندي، اسان جي ورڪرن کي کنڀيو پيو وڃي، ضمانتن باوجود اڳواڻ گرفتار ڪيا پيا وڃن،عورت وڪرن سان ظلم ٿي رهيو آهي، پوليس آفيسر چون ٿا ته اڳواڻ اسان جي ڪسٽڊي ۾ ناهن، پوءِ اهي اڳواڻ ڪٿي قيد آهن،اسان جبري گمشدگين تي سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، حيران آهيان ته رجسٽرار اها پٽيشن واپس ڪري ڇڏي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.