سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻه مھينا اڳ لوڪل گورنمينٽ ۾ ميونسپل آفيسر لاءِ زباني امتحان جو سلسلو شروع ڪيو جنھن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي غريب گھراڻن سان تعلق رکندڙ سوين نوجوان لکت وارو امتحان پاس ڪري ايندڙن ۾ شامل ھئا جن اشتھار اچڻ کان وٺي انٽرويو جي آخري مرحلي تائين گھر وساري لائبررين جو رخ ڪيو، ڪيترا ئي اميدوار جن جو تعلق نج ٻھراڙين سان ھو جتي بجلي، انٽرنيٽ، لائبريري جھڙي سھولتن جي اڻھوند سبب پنھنجي والدين، مٽن مائٽن کان پٽ سٽ ڪري وڃي شھرن جي لائبريريءَ ۾ صبح کان سانجهيءَ تائين ڪميشن جي تياريءَ ۾ پنھنجو نور نچوڙيو (يقينن انھن جا خواب ساڀيان ماڻڻ لاءِ گھر ڀاتين به دعائون گهريون ھونديون) پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان جاري ڪيل فائينل لسٽ کانپوءِ بي سھارا، قابل، غريب ۽ محنتي اميدوارن جا ڇھ ئي ڇڄي پيا جڏھن اھو ڏٺو ويو ته پاس ٿيندڙن ۾ اڪثريت انھن ماڻھن جي ھئي جن جو تعلق سنڌ ۾ مسلسل اقتداري پارٽي سان واڳيل سياسي گھراڻن يا پئسي واري پارٽين سان ھو.ميونسپل آفيسر جي حتمي نتيجن جاري ٿيڻ کانپوءِ جيڪي پنھنجي محنتن تي پاس ٿيا انھن لاءِ سوشل ميڊيا تي مبارڪن واريون پوسٽون ته اٽي ۾ لوڻ برابر ھيون پر پيئرن جي محنتن تي پاس ٿيندڙن خلاف شعور وند طبقي طرفان صف ماتم وڇايل ھو.
جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو بنيادي آئيني ۽ قانوني ڪم آھي ته صوبي جي مختلف ادارن لاءِ سورھين ۽ سترھين گريڊ جا آفيسر نج ميرٽ جي بنياد تي چونڊي ڏي ته جيئن سٺي حڪومت ھلائڻ لاءِ اھي ادارا بھترين انتظامي ڪارڪردگي ڏيکارين جنھن سان عوام ۽ سرڪار وچ ۾ اعتماد واري فضا بحال رھي. دنيا جي سڌريل سماجن ۾ جمھوري سياسي پارٽين جي قيادتن جو زور ان ڳالھ تي ھوندو آھي ته صحت، تعليم، انصاف، امن امان ۽ ميرٽ جي بحالي ۽ مضبوط معيشت سان سٺي حڪمراني جو تاثر جڙندو آهي جنھن سان سياسي پارٽين جون پاڙون عوام ۾ مضبوطي پڪڙينديون آھن جنھن ۾ انھن جي بقا جي ضامنت آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھن ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ سياسي منظرنامو بلڪل ان جي ابتڙ آهي. اسان جو سماج سياسي جاگيردارانه تاڃي پيٽي ۾ جڪڙيل آهي. ڀوتار ۽ وڏيرا سنڌ ۾ ڪجھه وڌيڪ اثر رکن ٿا جن کي راضي ڪرڻ لاءِ سياسي قيادتون ھر اھو عمل مصلحتن سرانجام ڏئي ڇڏين ٿيون جيڪو سڌي طرح عوامي مفادن جي خلاف آھي. ڇاڪاڻ ته اليڪشني سياست ۾ ووٽن وقت اھي وڏيرا، سردار، پير، مير ڪلھو ڏئي کين اقتداري ايوانن تائين پهچائين ٿا.
حقيقت اها آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مٿان الزام اجايا نه لڳندا رھيا آھن پر الزامن جو تعلق حقيقتن جي گھرائي سان ھوندو آھي. پي سي ايس 2013 واري ڪميشن لاءِ ارڙھن ھزار اميدوارن مان 3375 ڄڻا اسڪريننگ ٽيسٽ پاس ڪري لکت وارو امتحان ڏيڻ لاءِ اڳتي آيا. ان وقت اداري جو چيئرمين فيڊرل شريعت ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس آغا رفيق احمد ھيو جنھن چٽاڀيٽيءَ واري امتحان کي مڪمل شفاف رکڻ ۽ ميرٽ جي بحالي يقيني بڻائڻ لاءِ پنھنجي گھر ڀاتين کي امتحان ۾ ويھڻ نه ڏنو، پنھنجي پٽ ۽ ننھن جون سلپيون ڦاڙي ڇڏيون پر ادارن مٿان قابض بااثر مافيا رستي ۾ رڪاوٽن جا پھاڙ کڙا ڪري ڇڏيا ستت ئي لکت وارو گڏيل چٽا ڀيٽي وارو امتحان وٺڻ کان پھريان مستعفي ٿي ويو.
اڳوڻي چيئرمين ھڪ اخبار کي انٽرويو ڏنو جنھن سڄي سنڌ کي ڇرڪائي ڇڏيو. آغا رفيق واضح لفظن ۾ چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھڪ آزاد ادارو ناھي، سياسي ماڻھن جو دٻاءُ رھي ٿو. ميرٽ تي مقرريون ڪرڻ تي اختياريون ساراھڻ بدران ناراضگيءَ جو اظهار ڪن ٿيون. اگر سنڌ جي ان اداري کي يرغمال بڻائي اقربا پروري ڪئي ويندي ۽ ايماندار ماڻھن کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو ته ھزارين نوجوانن جا خواب چڪناچور ئي ٿيندا رھندا، ڪميشن جي امتحان ۾ جن سان ناانصافي ٿيندي ته يقينن اھي قانوني جنگ وڙھندا ۽ پوءِ سڪن سان گڏ ساوا به سڙندا.
پي سي ايس 2013 ۾ ڪرپشن اسڪينڊل ٿيو ته سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي گڏيل چٽا ڀيٽي واري لکت ۽ زباني امتحان جا سمورا نتيجا رد ڪري ٻيھر امتحان وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو. نتيجن کي رد ڪرڻ سان گڏ سپريم ڪورٽ اھو فيصلو پڻ ڏنو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين سميت اٺن ميمبرن کي ميرٽ تي قانوني تقاضائون پوريون ڪري نئين سر مقرر ڪيو وڃي.پر سنڌ جي ڀينگ ڪندڙ ٽولي کي اھو قطعي منظور نه ھيو ته اداري کي آزاد ڇڏجي .
ھن وقت ميونسپل آفيسر واري نتيجن خلاف امڪاني خرد برد خلاف سموري سنڌ ۾ اھل قلم ۽ اھل شعور ۾ بيچيني نظر اچي پئي، ڪيترن ھنڌن تي ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. سڄي سنڌ مان ناانصافي خلاف آواز بلند ٿي رهيو آهي ۽ ميونسپل آفيسر لاءِ لکت واري امتحان ۾ ٽاپ ڪندڙ اميدوارن کي نظر انداز ڪرڻ تي سنڌ جي ساڃاھ وند طبقي ۽ قوم جو درد رکندڙ وڪيلن قابل ۽ محنتي اميدوارن کي حق ڏيارڻ لاءِ ساڳي ڪورٽ جو در کڙڪائڻ جي تياري پڪڙي آھي ته جيئن ميرٽ جي قتل عام ڪرڻ وارن جي رستا روڪ ڪري سگھجي. ساڳي اشتھار تحت لوڪل گورنمينٽ ۾ ميونسپل آفيسر کانپوءِ ٽائون آفيسر جا انٽرويوز ھلي رھيا آھن پر اميدوارن جي ذھنن ۾ ساڳي قسم جا خدشا ڦرن پيا ته ڇا حتمي نتيجن ۾ وري به ساڳين سياسي وڏيرن، ڪامورن ۽ مالدارن جا ٻار پاس ڪيا ويندا ۽ حقيقي قابليت رکندڙ نوجوانن کي ناڪام ڄاڻائي ميرٽ تي راتاهو لڳندو؟
ھاڻي سنڌ جو شعور ان سوچ ۾ ورتل آھي ته سنڌ جي آخري اميد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو مقدر تالو ھڻي قوم جي محنتي نوجوانن جي خوابن جا ڏيئا اجھايا ويندا يا لاڳاپيل اختياريون تحرڪ ۾ اچي اداري کي استحصالي ٽولي کان نجات وٺي ڏينديون؟
اڳوڻي چيئرمين ھڪ اخبار کي انٽرويو ڏنو جنھن سڄي سنڌ کي ڇرڪائي ڇڏيو. آغا رفيق واضح لفظن ۾ چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھڪ آزاد ادارو ناھي، سياسي ماڻھن جو دٻاءُ رھي ٿو. ميرٽ تي مقرريون ڪرڻ تي اختياريون ساراھڻ بدران ناراضگيءَ جو اظهار ڪن ٿيون.