ڇا نواز شريف ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهندو؟

تحرير: خدا بخش بروھي

ملڪ کي ترقي جي راھ تي بيھارڻ جي هام ھڻندڙ  نواز شريف نيٺ وطن واپس ته پهچي ويو آھي، پر سندس ملڪ کي مٿين طرح ترقي ڏيڻ واري ڳالھه  تي ڪنھن کي يقين ناھي. ماڻھو ايئن سمجھن ٿا ھي به ايـئن ٿيندو جيئن ٻيا پارٽي اڳواڻ واعدا ڪن ٿا. خود سندس ڀاءُ شھباز شريف ترقي جون ڳالهيون ڪري ملڪ کي مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو، ايئن ملڪي تاريخ ۾ اڃان تائين اھي اليڪشن جي وقت ٿيندڙ واعدا ڪنھن اقتداري پارٽي  پورا ناھن ڪيا، نواز ٻيو ڇا به ڪري پر آئين ٽوڙيندڙ ماڻھن خلاف ايڪشن واري ڳالھه  تان  ھو ڦري ويو ته آئون  انتقامي  ڪارروائي ڪونه ڪندس  ھو پنھجي  ڏنل  ڌمڪي کي اچڻ شرط  واپس وٺي ٿو،  ان کان اڳ جڏھن  اسلام آباد ايرپورٽ تي  سندس لينڊنگ   ٿي ته ان  وقت جھاز اندر جھيڙو ٿي پيو جنھن کي وڏي ڪوشش سان  ختم ڪيو. پر ھڪ مسافر الائي ڪيڏانھن ويو جنھن کي ڳولي ڳولي وڃي آخر  لڌو ويو.

نواز ڪابه اھڙي نئين ڳالهه نه ڪئي جنھن مان اھو تاثر ملي  ته واقعي ھن جي اچڻ سان ھر شئي ٺيڪ ٿي ويندي رڳو اھا ڳالھه  جيڪا ھر ھر ھو چئي رهيو هو، 9 مئي وارا ناھيون  اسان 28 مئي وارا آھيون ساڳي ڳالھه  ورجائيندي چئي ٿو اسان ملڪ کي ايشن ٽائيگر ڪرڻ ٿي چاھيو جي 20 ملڪن جي  رينڪ ۾ شامل ڪرڻ جي تياريون پئي ڪيوسين پر  مونکي نه ڇڏيو ويو .ٻي ڳالھه  اھا ٿو ڪري ته  امريڪي صدر بل  ڪلنٽن جا 5 ارب ڊالر  ٺڪرائي ڇڏيم ان وقت جيڪڏھن ٻيو ھمراه ھجي ھا ته سمجھو ٿا ھو ڇا ڪري ھا؟

ڏٺو وڃي ته نواز اھو ليڊر آھي جيڪو والده، زال جي وفات تي ملڪ نه آيو، جيئن 2017 ۾ ويو پورا چار سال نه آيو پر جڏھن آسرو مليو اٿس ته ملڪ بچائڻ جو بھانو ڪري اچي ويو آھي  پر کيس شايد اھا خبر ناھي سندس ئي ڀاءُ جي 16 مھينن واري دور حڪومت ۾ ڊالر ڪٿي پھتو ھو ۽  ملڪ ۾ ِ 36 سيڪڙو مھانگائي وڌي. عام استعال جي شين جي مھانگائي، تيل ۽ گاڏين جي وڌيل  ڪراين  عوام کي ڪيترو پيڙھيو ھو، ان کان بھتر ڪم ته  ھن نگران حڪومتي سيٽ اپ ڪيو آھي جنھن مھيني ٻن ۾ ڪافي سستائي ڪرائي آھي

ھن ڀيري ھر حال نواز شريف کي وزير اعظم ڪرڻ جو ماحول نظر اچي ٿو. پر عام ماڻھوءَ  کي ان ڳالھه  جي ضمانت کپي  ڇا مھانگائي بيروزگاري جنھن کين ماري وڌو آھي اھا گھٽ ٿيندي جنھن ملڪ کي دفاعي،  تعليمي، معاشي اقتصادي ترقي ملندي؟  زراعت پوئتي ٿيندي وڃي ٿي ھاري، آبادگار ڪنگال ٿي رھيا آھن انھن کي سھولتون ملنديون؟. جي اھي مراعتون ملنديون ته ڀلي ڪير به  اچي حڪومت ڪري مھانگائيءَ  جو ماريل عوام  کيس تسليم ڪندو جي اھا ساڳي ماني ساڳ سان ساڳي ڪوڙا واعدا رھيا ته ان تي عوام آواز ضرور اٿاريندو؟

 

ملڪ کي ترقي جي راھ تي بيھارڻ جي هام ھڻندڙ  نواز شريف نيٺ وطن واپس ته پهچي ويو آھي، پر سندس ملڪ کي مٿين طرح ترقي ڏيڻ واري ڳالھه  تي ڪنھن کي يقين ناھي. ماڻھو ايئن سمجھن ٿا ھي به ايـئن ٿيندو جيئن ٻيا پارٽي اڳواڻ واعدا ڪن ٿا. خود سندس ڀاءُ شھباز شريف ترقي جون ڳالهيون ڪري ملڪ کي مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.