جنوري ۾ اليڪشن ٿيندي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. چونڊن ۾ مقابلو تحريڪ انصاف ۽ پي پي ڪري رهي آهي. فضل الرحمٰن، نواز ليگ ۽ پاڪستان استحڪام پارٽي توڙي ايم ڪيو ايم تڪڙي اليڪشن ڪرائڻ جي موڊ ۾ ناهن. نواز شريف کي آڻيندڙ قوتون ڪجهه ٻئي سيٽ اپ ۾ مصروف آهن. اهي قوتون چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام بهتر هجي. ۽ سياسي خلفشاري نه هجي.
ايندڙ اليڪشن ۾ پهريان ته عمران خان کي نااهل قرار ڏنو ويندو. ان کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي ڪوشش آهي ته بيلٽ پيپر تي بيٽ جو نشان ئي نه هجي. ان جو اهم ڪارڻ اهو به آهي ته چيئرمين اليڪشن ڪميشن سردار سڪندر سلطان راجا کي عمران خان گهٽ وڌ به ڳالهايو هو. يعني عمران خان پنهنجي نا اهل دوستن جي صلاح مشورن تي اهڙا ته ڪم ڪيا جو اڄ اهي کيس بي يارو مددگار ڇڏي هليا ويا آهن ۽ جيل ۾ ساڻس ملاقات تي به ڪونه پيا اچن. پ پ جون جيتريون تحريڪ انصاف ڏانهن قربتون وڌنديون اوترو موجوده صورتحال ۾ پي پي کي سياسي نقصان ٿيندو. ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف هڪ عتاب هيٺ آهي ممڪن آهه ان جو اثر پي پي تي به پئجي سگهي. ائين نه ٿئَي جو ايندڙ اليڪشن ۾ پي پي توقع کان به گهٽ سيٽون کڻي سگهي.
مون پهريان چيو هو ته هن وقت ملڪ ۾ اها پارٽي اليڪشن وڙهندي ۽ ڪامياب ٿيندي جيڪا ملڪ ۾ وڏي رقم جي سيڙپ ڪندي. ظاهر آ ميان نواز شريف کي ملڪ ۾ آڻڻ ۽ ڊيل ڪرڻ ۾ وڏو هٿ پنجاب ۽ نواز شريف جي ٻاهرين انويسٽرن دوستن جو آهي. زرداري وٽ انويسٽر گهٽ پر پنهنجي ملڪيت ٺاهڻ وارا تمام گهڻا آهن. انهن جيڪو ڪجهه پي پي ۾ هوندي حاصل ڪيو آهي اهي زرداري تي اعتبار گهٽ ڪندي زرداري مٿان سيڙپ نه ٿا ڪري سگهن. آصف زرداري بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جيب مان 125 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ تمام ڏکيا آهن. پوءِ به الاءِ جي ڇا ڌيءُ الائي جي پٽ.
مون کي ته ڪا ٻي خوشبو اچي رهي آ. اها اها ته اسلام آباد ۾ جيڪا سياسي ۽ اقتدار لاءِ کچڙي پچي رهي آهي ان مان سڀ ڪجهه پاڻ سنڀالڻ جي خوشبو اچي ٿي. وڌيڪ الله بهتر ڄاڻي ٿو. جيترو پي پي ۽ تحريڪ انصاف ويجهو اينديون اوترو پي پي اسٽيبلشمينٽ کان پري ٿيندي ويندي. پر اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ سياسي سيٽ اپ ۾ تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ کي ڀاڪر پارايا وڃن. ڇاڪاڻ ته نواز شريف به سياسي انتقام نه وٺڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
اسان ڏٺو آهي ته يورپ جو معاشرو گهڻو عرصو اسٽيبلشمينٽ جو غلام رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ آزاد جمهوريت جي سوچ پٽاندڙ ڪا پاليسي ٺاهي وئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ ان جي خلاف ٿيندي ڏٺي آهي. ڪيترن ئي ويچارن وڏي آواز ۾ چيو ته اسين اسٽيبلشمينٽ مخالف ناهيون رياست مخالف ناهيون پر انهن جي ڳالهين کي ٻڌي اڻ ٻڌو ڪيو ويو. هن وقت پاڪستان سياسي صنعت سياسي انجنيئرنگ آهي ۽ نواز شريف جي ميچ فڪس آهي.
پ پ پنهنجي 15 سالن واري اقتدار ۾ سنڌ تي ٿورو به ڌيان ڏئي ها. ڪيترائي ڀيرا ڇٽل ڪارتوس تي وري اعتبار ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ڇٽل ڪارتوس جي قابل به نه رهيو آهي پر هڪ ڀيرو ٻيهر ان کي صاف شفاف ڪري ان ۾ هٿ سان بارود ڀري بندوق ۾ وڌو پيو وڃي. عمران خان پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ سنڌ کي نظر انداز ڪيو ۽ هاڻي جيڪڏهن نواز شريف سنڌ جي دوري تي اچي ٿو ته مان سمجهان ٿو ته نواز شريف کي اڳ کان وڌيڪ سنڌ جو عوام موٽ ڏيندو. ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پوندي ته ملڪ جا سياسي رانديگر جيڪڏهن ن ليگ ۾ ڌڙا ڌڙا شموليت اختيار ڪن ٿا ته پوءِ ائين ڄاڻبو ته فرشتا سياسي رانديگرن کي موڙڻ شروع ڪيو آهي. هاڻي شينهن کي مان ڪڍڻو ناهي جيڪڏهن ٻاهر نڪتو ته سڀني کي کائي ماري ڇڏيندو. مسئلو ماڻهن جو ۽ ووٽر جي نفسيات جو آهي. جن جو دماغ ان ڏينهن کان وٺي خراب آهي
جڏهن کان عمران خان جيل جي ڪوٺڙين ۾ قيد آهي. جنهن کي غلام قيدي به چيو وڃي پيو. ماڻهو سرڪاري ڳالهين تي به يقين ڪونه ٿا ڪن پنجاب ۾ سياسي ڀڃ ڊاهه شهباز شريف پنهنجي اقتدار جي ڏينهن ۾ ڪئي وئي آهي. عوام ن ليگ کان بيزار ۽ تنگ آهي. سرڪاري دانشور توڙي ن ليگي سياستدان چون ٿا ته جيڪڏهن صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿي ته سندن پٽڪا ڌوڙ ٿي ويندا. نواز شريف سميت ن ليگ قيادت مري ۾ وڏي سياسي صف بندي ڪري رهي آهي. نواز شريف اڳواڻن کي روڪيو آ ته آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري خلاف ڪوبه بيان نه ڏنو وڃي. ان سان سياسي اختلاف پيدا ٿيندا.اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته ملڪ ترقي ڪري اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جو قومي خزانو ترقي جون منزلون طئه ڪري رهيو آهي.
هاڻي نئون ناٽڪ رنگ شروع ٿيڻ وارو آهي. ڇٽل ۽ زنگيل ڪارتوس کي هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ سان ڀريو پيو وڃي. فوجي عدالتن ۾ سويلين جا ڪيس نٿا هلائي سگهجن ۽ اهي غير آئيني آهن. اهڙو حڪم سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن جي حوالي سان ڏنو آهي. هاڻي ڏسجي ته سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو.
مون پهريان چيو هو ته هن وقت ملڪ ۾ اها پارٽي اليڪشن وڙهندي ۽ ڪامياب ٿيندي جيڪا ملڪ ۾ وڏي رقم جي سيڙپ ڪندي. ظاهر آ ميان نواز شريف کي ملڪ ۾ آڻڻ ۽ ڊيل ڪرڻ ۾ وڏو هٿ پنجاب ۽ نواز شريف جي ٻاهرين انويسٽرن دوستن جو آهي. زرداري وٽ انويسٽر گهٽ پر پنهنجي ملڪيت ٺاهڻ وارا تمام گهڻا آهن. انهن جيڪو ڪجهه پي پي ۾ هوندي حاصل ڪيو آهي اهي زرداري تي اعتبار گهٽ ڪندي زرداري مٿان سيڙپ نه ٿا ڪري سگهن. آصف زرداري بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جيب مان 125 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ تمام ڏکيا آهن.