ملڪ جن بحرانن ۾ ورتل آھي.ان مان ٻاھر ڪرڻ جي لاءِ چونڊون لازمي قرار ڏنيون پيون وڃن،پر ان ڏس ۾ ھن وقت تائين سامھون آيل اعلان موجب چونڊون ايندڙ سال جي جنوري جي مھيني ۾ ٿينديون.جنھن بابت اليڪشن ڪميشن تھ ڪا تاريخ نھ ڏني آھي پر مخلتف مبصرن جي اندازي موجب اھي جنوري جي آخري ھفتي ۾ گھڻو ڪري 28 جنوري تي ٿي سگهن ٿيون.
سڀني سياسي ڌرين ۾ ان تي اتفاق نظر نٿو اچي.جي يو آءِ جو چوڻ آھي تھ جنوري ۾ ملڪ جي اترين علائقن ۾ برفباري جي ڪري اتي چونڊن جو عمل ڏکيو ٿي پوندو.جنھن کانپوءِ يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان اھو پڻ چيو آھي تھ ملڪ کي بچائڻ ضروري آھي،چونڊون تھ پوءِ بھ پيون ٿينديون.پيپلزپارٽي پڻ ان سلسلي ۾ رسمي طور تي چونڊون وقت اندر ڪرائڻ جو مطالبو ضرور ڪيو آھي پر ان تي وڌيڪ زور نھ ڏنو آھي.
مسلم ليگ (ن) في الحال ميدان مارڻ جي لاءِ ميان نواز شريف جي وطن واپسي جي تيارين ۾ مصروف آهي.جيڪو اعلان موجب 21 آڪٽوبر تي وطن موٽي رھيو آھي.جنھن ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي مينار پاڪستان تي گڏ ڪرڻ جي لاءِ مسلم ليگ ڪوشش ۾ رڌل آھي.جڏھن تھ پاڪستان تحريڪ انصاف اھو مطالبو تھ ڪندي رھي آھي تھ چونڊون جلد ڪرايون وڃن،پر ٻئي پاسي پارٽي عتاب ۾ ھئڻ ڪري ھڪ تھ ان ۾ فٽ ٿيل اڳواڻ ۽ ڪارڪن ان جماعت کي ڇڏيندا پيا وڃن تھ ٻيو وري ان جي قيادت پڻ جيل ۾ آھي.جنھن ڪري صورتحال ڪا گھڻي واضح نھ آھي.
ن ليگ پنھنجي ووٽ ۽ سپورٽ جي لاءِ جاکوڙ ڪري رھي آھي.جنھن بابت ن لگ قيادت جو خيال آھي تھ مينار پاڪستان تي عوام جو وڏو انگ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر سندن جماعت عوام ۾ وڃايل مقبوليت حاصل ڪري سگهندي.
شهباز شريف قيادت ۾ پي ڊي ايم جي 16 مهينن واري حڪومت مسلم ليگ (ن) جي سياسي پوزيشن کي نقصان پهچايو آهي. هاڻ نواز شريف ۽ ٻيا مسلم ليگي اڳواڻ پريشان آهن ته ملڪي سياست ۾ مستحڪم پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪجي ؟
شهباز شريف اھو چوندو رھيو آھي تھ سندس حڪومت ملڪ جي معيشت کي بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست کي داغدار ڪيو. اِهو نعرو هڻي هو دراصل موجوده مالي مسئلن جي سموري ذميواري تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ عمران خان تي وجهڻ چاهي ٿو، پر ٻين پارٽين وانگر هو به مسئلي جي پاڙ بيان ڪرڻ کان پاسو ڪري رھيو آھي. ڪجهه ڏهاڪن دوران ملڪ کي فوجي قيادت جي مرضي ۽ ارادي موجب جنگي معيشت ۾ تبديل ڪيو ويو، ملڪ جو معاشي پاسو تھ گهڻو ڪري آمريڪا کان حاصل ٿيندڙ امداد تي دارومدار رکي ٿو.ڪنھن بھ ڌر قومي معيشت مضبوط بنيادن تي اڏڻ جي ڪا بھ رٿا تي ڪم نھ ڪيو آھي.
پاڪستان ۾پنجن ڏهاڪن دوران صنعتن جي ترقيءَ لاءِ ڪو به ڪم نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن زراعت کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ تي ڪو ڌيان ڏنو آهي. آمدني وڌائڻ لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا نه ٿيا آھن. انڪم ٽيڪس چوري عام آهي پر غير رجسٽرڊ معيشت به وڏي چئلينج رهي آهي.بجلي چوري ۾ فرد، تنظيمون ۽ گروهه سڀ ملوث آهن ۽ حڪومت ان عمل کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي.
حقيقت ۾ ملڪ جي معيشت جي خرابي لڳ ڀڳ 1980ع کان شروع ٿي آھي.جنھن ۾ ان وقت جي غير سول حڪومت جون ملڪي ۽ غيرملڪي پاليسيون توڙي معيشت جي شعبي سان ڪيل خراب حالت شامل آھي، خيراتي وسيلن مان رشوت، اسمگلنگ ۽ ملڪيتن جي ناجائز ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ ان ان جا سبب آهن.ڪا حڪومت صورتحال کي سڌارڻ لاءِ ڪا رٿابندي نه ڪئي آهي، پر انھن جو سمورو زور رڳو روز جي بندوست تي رھيو آھي،جنھن سان ان جي مستقبل جي نتيجن ڏانھن ڪو ڌيان نھ ڏنو ويو آھي.
ضياءَ ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ سياسي سرگرميون معطل ڪري پاڪستان کي افغانستان جي جنگ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ معيشت کي آمريڪا ۽ عالمي ادارن تي انحصار ڪيو ويو. ان کان علاوه ملڪ ۾ چونڊ ڌانڌلي جو سلسلو شروع ٿي ويو ته جيئن پنهنجي پسند جي سياستدانن کي موقعو ڏجي.
پھرين ميان نواز جي حڪومت کان وٺي هائبرڊ سسٽم جي نالي تي عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ ان خراب سلسلي جون ڪڙيون ئي آھن.فوجي ادارن جي سياسي حڪمت عمليءَ سبب ملڪ ۾ جمهوري سياسي ڪلچر اسري نھ سگھيو.جنھن ڪري طاقتور ڌرين ملڪ جي سموري سياسي عمل کي گدلو بڻائيندا رھيا.
ان ڪري ھاڻي ڪا بھ جماعت ان پريشاني ۾ ناھي تھ اھا بھترين سياسي ۽ معاشي پروگرام پيش ڪري عوام جي حمايت حاصل ڪري،بلڪھ سياسي جماعتون ڪوشش ڪن ٿيون تھ اسٽيبلشمينٽ سان بھتر لاڳاپا ڪن جئين اھي اقتدار جي واڳ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھن.
نواز شريف جڏھن وطن موٽي رھيو آھي تھ پيپلزپارٽي الزام هڻي رهي آهي ته ھو اسٽيبلشمينٽ سان ملي ڀڳت ڪري واپس پيو اچي.عام طور اھو تاثر ملي رھيو آھي تھ مسلم لگ ن ڪنھن ڊيل جي نتيجي ۾ سياسي ميدان کٽڻ چاھي ٿي.بدقسمتي سان مسلم ليگ ن اڳواڻ ان ڳالھھ کي رد تھ ڪن پيا پر عوام شايد ان تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي. ڪو بھ ان کان انڪار نٿو ڪري سگھي تھ ميان نوازشريف ملڪ جو اھم ۽ تجربيڪار سياستدان آھي، شايد ھن وقت ملڪ جي اسٽيبلشمنيٽ سان وڌيڪ ۽ سخت ٽڪر ۾ ايندڙ ھي واحد سياستدان پڻ ھوندو پر سوال ھي آھي تھ ھن وقت ھو ڪھڙو موقف ۽ ڪھڙو بيانو جوڙي ٿو.
جيڪڏھن ھو حقيقي جمھوري سياست جي لاءِ ميدان جوڙڻ چاھي تھ اھو ڪري سگھي ٿو،مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ٿيل ميثاق جمھوريت تي وري گڏجڻ ڪو گھڻو ڏکيو نھ ھوندو ،بھرحال ان جي لاءِ ميان نوازشريف کي ڪشادھ دلي جو مظاھرو ڪري باقي سياسي جماعتن کي بھ گڏ کڻڻو پوندو جنھن ۾ پي ٽي آءِ بھ شامل ھئڻ گھرجي.ان جي لاءِ کيس ماضي کي وسارڻو پوندو .تڏھن ئي اھو ممڪن ٿي سگھندو.
ان جي مقابلي ۾ ميان نوازشريف ساڳين شرطن تي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ٿو تھ ڪجھھ ئي وقت ۾ وري ساڳي پراڻي ڪھاڻي جو ئي ورجاءَ ٿيڻ جو خطرو رھندو.