جدو (ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سعودي عرب جي شهر جدي ۾ غزا جنگ تي اسلامي سهڪار تنظيم جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جو غير معمولي اجلاس ٿيو.
اجلاس جي پڌرائي موجب اسلامي سهڪار تنظيم چيو ته غزا جو گھيرو فوري ختم ڪيو وڃي.
او آءِ سي عالمي برادري کان غزا لاءِ امداد فوري بحال ڪرڻ جي اپيل ڪئي. تنظيم چيو ته عالمي برادري گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگير ايجنسي سان سهڪار ڪري.
او آءِ سي جو چوڻ هو ته غزا جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جنگي ڏوهه آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، عالمي برادري جنگي ڏوهن تي اسرائيل کي ڪٽهڙي ۾ آڻي.
پڌرائي موجب اجلاس ۾ اسرائيل جي فسلطينين جي خلاف جارحيت بند ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو.
اسلامي سهڪار تنظيم غزا پٽي مان فلسطينين کي ڪڍڻ جي اسرائيلي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو.
او آءِ سي وڌيڪ چيو ته عالمي برادري وچ اوڀر ۾ امن جون ڪوششون تيز ڪري.
Next Post
You might also like