نگران سيٽ اپ کانپوءِ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم سميت مختلف سياسي پارٽين جا اتحاد جڙڻ شروع ٿي ويا آهن، پ پ مخالف ڌريون سيٽ ايڊجسمينٽ واري فارمولي تحت هڪٻئي سان ۽ پيپلزپارٽي خلاف گڏيل محاذ جوڙڻ جي ڪوششن ۾ آهن، جنهن حوالي سان گهوٽڪي ضلعي ۾ به پيپلزپارٽي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪنهن وڏي سياسي تبديليءَ جا امڪان هئا پر لڳي نٿو ته جي ڊي اي گهوٽڪي ۾ پيپلزپارٽي جي رستا روڪ ڪري سگهي ٿي. ڇو ته گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه جي پُٽ جي شادي تقريب ۾ مهر گروپ جي سرواڻ سردار علي گوهر خان مهر ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻن وچ ۾ ملاقاتون ٿيون آهن. جن مان اندازو لڳايو پيو وڃي ته مهر گروپ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ سياسي مخالفت واري ڀِت ڊهي چُڪي آهي.