سڄي دنيا پيرين پنڌ گهمندڙ همراهه جو سفر پڄاڻيءَ جي ويجهو!

دنيا گهمڻ لاءِ ماڻهو جهازن، ريل گاڏين ۽ ٻين سواريءَ جي ذريعن جو سهارو وٺندا آهن، پر هڪ برطانوي شخص سڄي دنيا جو چڪر پورو ڪرڻ لاءِ رڳو پنهنجن پيرن تي ڀاڙيو. سندس اهو سفر ڪي مهينا يا ڪي سال نه، پر پورا 28 سال جاري رهيو!

برطانوي مهم جو ڪارل بشبي 1998ع ۾ چلي کان پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي. سندس مقصد سڄي دنيا جو چڪر پنڌ پورو ڪرڻ هو، جنهن لاءِ هن پاڻ تي ڪجهه سخت شرط به لاڳو ڪيا. انهن ۾ هڪ شرط اهو هو ته سفر دوران ڪنهن به قسم جي سواري استعمال نه ڪندو ۽ مهم مڪمل ٿيڻ تائين گهر واپس نه موٽندو.

57 ورهين جي اڳوڻي پيراشوٽ فوجي ڪارل بشبي ان دوران لڳ ڀڳ 50 هزار ڪلوميٽر پنڌ ڪري 29 ملڪن مان گذريو، پر سندس اهو سفر عام پنڌ نه هو. رستي ۾ جنگ سٽيل علائقا، ويزا جون پابنديون، مالي ڏکيائيون، ڪورونا وبا سبب لاڳو پابنديون ۽ ڪيترين ئي جاگرافيائي رنڊڪن کي منهن ڏيڻو پيس.

ڪارل بشبي خطرناڪ ڊيرين گيپ وارو علائقو پار ڪيو ۽ بيرنگ سمنڊ جي لنگهه کي اوڀر کان اولهه طرف پنڌ پار ڪندڙ پهريون شخص بڻيو. ان کان سواءِ هن ڪئسپين سمنڊ ۾ 184 ميل ترڻ جو سفر به ڪيو.

هاڻي 28 سالن کان پوءِ هو برطانيا واپس پهچي چڪو آهي، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سندس مهم اڃا مڪمل نه ٿي آهي. انگلش چئنل سمنڊ تري ڊوور جي ڪناري تي پهچڻ کان پوءِ هاڻي کيس لڳ ڀڳ 400 ڪلوميٽر وڌيڪ پنڌ ڪري پنهنجي ماءُ جي گهر، هَل شهر پهچڻو آهي.

ڪارل بشبي ڪناري تي پير رکندي چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پوءِ برطانيا جي ڌرتيءَ کي پنهنجن پيرن هيٺان محسوس ڪرڻ تمام سٺو لڳي رهيو آهي.

يعني 28 سال اڳ جنهن گهر مان نڪتو هو، اتي واپس پهچڻ لاءِ هاڻي سندس سفر جا رڳو آخري ڪجهه قدم باقي آهن. شايد سندس هن ڊگهي ۽ ڏکين رڪاوٽن سان ڀرپور مهم جو سڀ کان خوبصورت پڄاڻي به اها ئي هوندي.

You might also like