اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ يا گورنر راڄ قائم ڪرڻ بابت سڀاڻي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ اعليٰ عسڪري اختيارين جي شرڪت متوقع آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا بابت سڀاڻي حتمي فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ قومي سلامتي جي ادارن جي رپورٽن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.
ذريعن موجب اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعن سميت 12 ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ اهم اختيار وفاق حوالي ڪرڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئين جي آرٽيڪل 232 کان 234 تائين غور ويچار کانپوءِ اهم فيصلن جي منظوري ٿيڻ جو امڪان آهي.
صدر، وزيراعظم ۽ اعليٰ عسڪري قيادت جي ويهڪ، خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي؟ سڀاڻي اهم فيصلو ٿيندو
You might also like