هٽلر جي نفرت ۽ يهودين جي هوڏ

تحرير: رياض ابڙو 

تاريخ جي آئيني ۾ ڏسجي ته ڏوھ هٽلر جو نه هو پر ڏوھ يهودين جو به هو جو ملڪ (جرمني) ۾ رهي جرمنين سان دشمني ڪري ويٺا جو هٽلر جي سياست کي اڀاري وڌن، هنن جرمنين ۾ يهودين جي خلاف ۽ يهودين ۾ عيسائيت جي مذهبي نفرت به وڌندي وئي، ۽ ان نفرت جو  انت اچي اتي پهتو جو هٽلر ملڪ ۾ الڳ الڳ ڪيمپون قائم ڪري ڏنيون، جنهن ۾ اهي سڀ يهودي پناھ گير وانگي رهڻ لڳا جن کي نازي ڪيمپ چون ٿا ۽ هٽلر ان نازي ڪيمپ ۾ رهيل ڪجھه  يهودي ماري کٽائي وڌا پر ڪجھه  وري به بچائي ويو ۽ ان ڳالھه  جي دعويداري ڏيکاريائين ته بچيل يهودي دنيا جي لاءِ ڪيترا خطرناڪ آهن.

اتي اها ڳالھه  به مڃڻ گهرجي ته 2010 ع تائين سڄي دنيا ۾ 14 ملين يهودي موجود هيا جيڪي هاڻي دنيا جو 0.02 آبادي جي تناسب سان وڃي بچيا آهن ۽ آبادي جو حصو آهن  انهن جي موجوده آبادي اها ئي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو 2050 تائين يهودين جي آبادي 16 ملين ٿي وڃي. پر اها ٻي ڳالھه  آهي ته اسلام جي غلبي جي ڪري شروعاتي ڏينهن ۾ يهودين جو وڏو تعداد مسلمان به ٿي ويو هو ۽ باقي جيڪي بچي نڪتا هئا اهي نازي ڪيمپ جي نذر ٿي ويا هئا. دنيا جي آباديءَ جي هڪ ڪاٿي مطابق ان کان اڳ 44 سيڪڙو يهودي نارٿ آمريڪا ۾ محيط هيا، جن مان نارٿ آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ 41 سيڪڙو هيا، يورپ جي ملڪن ۾ انهن يهودين جي آبادي 10 سيڪڙو مس هئي، ليٽن آمريڪا ۽ ڪيريبين سمنڊ جي پٽي ۾ اهي يهودي 3 سيڪڙو مس هيا، پر 2000ع تائين فلسطين ۽ وچ اوڀر (عربن جي ملڪن ۾) 37 سيڪڙو هيا وري نارٿ آمريڪا ۾ 40 سيڪڙو کان مٿي هيا، ۽ هڪ اندازي موجب اهي يهودي 2050 تائين يورپ ۾ يهودين جي آباديءَ جو ريشو 8 سيڪڙو مس وڃي بيهندو.هنن جو سڄو زور وري رڳو فلسطينن تي ان ڪري به آهي ته فسلطيني مسلمانن سان يهودين جو وڙهڻ آسان آهي.

ڪمزور ۽ بي يارو مددگار فلسطينين جي پاسي پنهنجا عرب ملڪ به ناهن بيٺا، ان ڪري ان سان وڙهي هي يهودي هٽلر وارا بدلا هنن فلسطيني مسلمانن مان چڪائيندا رهن ٿا، ڇو ته يهودين جي نظر ۾ سندن جي هولوڪاسٽ ۾ 6 ملين يهودي مارجي وڃڻ جو قصور، انهن يهودين جي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب رڳو فسلطيني مسلمانن ئي آهن. ان ڪري اهڙي جنگي فلسفي ۾ يهودي اهڙيون حرڪتون ڪندا رهن ٿا جنهن سان مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ۽ غير مسلم هنن جي پاسي ٿي بيهن. پر افسوس اهو به آهي ته اماراتي عرب هنن کي سئوٽ ٿا سڏن، اهي هنن سان ڪلهو ڪلهي سان هڻي بيٺا آهن، اهي چاهن ٿا ته اسرائيل ڀلي اڀري، جو اسرائيل اماراتين جي رشتي ۾ آهي، ان ڪري يهودي ڪيتري به دشمني ڏيکارن پر اماراتي هنن کي هڪ لفظ نه چوندا جنهن سان يهودين جي دل آزاري ٿئي، اسرائيل اماراتين، عربن سان ڦڪو مٺو ٿئي.

جڏهن ته هٽلر هنن جي لاءِ نه پر هنن جي لاءِ نفرت هنن جي روين، مذهبي هوڏ، پنهنجي شدت پسندي، ماڻهن کان نفرت ۽ پاڻ کي اعلي سمجھڻ واري ڳالھه  ڪرائي هئي، ڇو ته اهڙي نفرت هنن جي لاءِ ڪيئي صديون اڳ هلي چڪي هئي، جنهن جو سبب رڳو مذهبي پرچارڪ ئي هئي، يهودين جو پاڻ کي اتم اعلي ۽ مٿانهون سمجهڻ هيو.

ان وقت تائين عيسائيت سڄي يورپ ۾، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا ۾ ۽ آسٽريليا جهڙن خطن ۾ ڦهلجي چڪي هئي. هڪ ٻي حقيقت اها به هئي ته اسلام کي ڇڏي عيسائيت جي پرچارڪن کي يهودين جي مذهبي پريڪٽسز ۾ چريائپ ۽ ويڳاڻپ نظر پئي آئي، جنهن کي ختم ڪرڻ ان وقت ان ڳالھه  جي ضرورت سمجهين ته انهن سڀني يهودين کي عيسائي بڻائي ڇڏجي، جيڪا وقت جي ضرورت به هئي. ان طريقي سان  اهي ماڻهو پنهنجي جان بچائي پئي سگهيا، ۽ ان ڪري يهودين کي ان وقتن ۾ مذهب مٽائڻ جي ڀرپور دعوت به ملندي رهي هئي ته جيئن کين جان جي پناھ ملي، ان ڪري ڪيترائي مذهب مٽائي عيسائي ٿي ويا، پر ڪجھه  رهجي ويا جن ۾ مذهبي هٺ ڌرمي باقي هئي، انهن جي اهڙين حرڪتن جي ڪري يهودين کي مذهب جي پرچارڪ ڪرڻ منع هئي، انهن تي ان دور ۾ پابندي هئي. هاڻي ته هي ڪنهن به طرح مذهب جي پرچار ان ڪري به ناهن ڪري سگهندا جو هي پٽجي، خوار خراب ٿي ويا آهن.

هنن جي مذهب جي ڳالھه  وري پراڻي، ڪنهن ڪم جي ناهي رهي. حقيقت اها به آهي ته عيسائيت هنن جي مذهب کي 15 صدي کانپوءِ وڏو نقصان ڏنو، جو هنن جي مذهب جا سڀ جا سڀ يهودي عيسائي ٿيندا ويا، ۽ هي باقي وڃي بچيا. پر 19 صدي جي سائنسي ايجادن جي ڪري مذهبن جي اهميت گھٽجي وئي، ايستائين جو عيسائيت به هلي هلي هڪ ڏاڪي تي بيهي رهي، ڇو ته نظرياتي، تجرباتي، سائنسي علمن جي دور جو ظهور هيو، ائين چئون ته انگريز ”ريسزم“ جو دور هلي چڪو هيو، قومن جي مٿڀرائي جو دور هلي چڪو، معاشيات جي مٿڀرائي جو دور اچي چڪو هيو.

حيرت اها به آهي ته يهودي جيڪي عيسائيت ۾ آيا سي به ساڳين حرڪتن کي هلائيندا آيا، ڇو ته انهن جو نسل، رت جو جُز ۽ لسانيت اها ئي رهندي آئي، ان ڪري يهودين تي ڪنهن به مذهب، ٻولي، ملڪ ۽ خطي جو ايمان نه رهيو. هنن جي لاءِ اهو به مشهور هيو ته 1353 ۾ يهودين جي نسل پرستن کي جيئرو ساڙيو به ويندو هيو، ڇو ته هنن پاڻيءَ جي کوهن ۾ زهر اڇلايو هيو ته جيئن ماڻهو. پاڻي پيئڻ سان مري وڃن، ۽ هنن جي اهڙين حرڪتن جي ڪري يورپ ۾ وبائون به ڦهلبيون رهيون هيون، جن جي ڦهلاءَ ۾ هنن جي نحوست، نڀاڳ جو هٿ ضرور هيو، ان ڪري هٽلر هنن جي منظم نفرت ڦهلائڻ جو خيال آندو ته جيئن هنن جي نحوست مان جان ڇٽي.

 

هنن جو سڄو زور وري رڳو فلسطينن تي ان ڪري به آهي ته فسلطيني مسلمانن سان يهودين جو وڙهڻ آسان آهي. ڪمزور ۽ بي يارو مددگار فلسطينين جي پاسي پنهنجا عرب ملڪ به ناهن بيٺا، ان ڪري ان سان وڙهي هي يهودي هٽلر وارا بدلا هنن فلسطيني مسلمانن مان چڪائيندا رهن ٿا، ڇو ته يهودين جي نظر ۾ سندن جي هولوڪاسٽ ۾ 6 ملين يهودي مارجي وڃڻ جو قصور، انهن يهودين جي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب رڳو فسلطيني مسلمانن ئي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.