ھاڻي  ن  ليگ اميد سان آھي ؟

تحرير: عاصمھ شيرازي

شرط هارائڻ تي لڳل ھجي ته کٽڻ آسان آهي، پر ان کٽڻ کي  فتح سمجهڻ ھڪ ٻي شڪست آهياسان مشروط زندگي  جئيڻ سکي ويا آهيون يا زندگيءَ ئي شرط بڻجي چڪي آهي، جيڪو چاهي سو ان کي کٽي .گهٽ ۾ گهٽ سياست جي ميدان ۾ مشروط ڪاميابيون سياسي جماعتن  جي گهرج بڻجي چڪيون آهن. ڪڏهن مصلحت، ڪڏهن مفاد ۽ ڪڏهن سمجهوتو، مزاحمت صرف پنهنجي پاڻ سان ۽ مصلحت پنھنجي مفادن سان … ڇا بدليو آھي ؟ ڇا بدلجندو ؟ ڪير بدلائيندو؟ شڪايت ڪنھن سان ڪجي زماني شناس سياستدانن سان  يا موقعي شناس اڳواڻن سان ؟

اسٽيبلشمينٽ تھ ڄڻ اھڙي نيوٽرل بڻجي وئي آھي،  جو هاڻي اعتدال جي ضرورت ئي ناهي رهي.ازل جي اٽل اسٽيبلشمينٽ رسوائي جي بدترين وقتن ۾ بھ ڪڏهن بينظير ڀٽو جهڙي ليڊر ۽ پيپلز پارٽي جهڙي جمهوريت پسند جماعت کان اين آر او ورتو تھ  ڪڏهن مسلم ليگ (ن) سان مفاھمت ڪئي.جڏھن تھ  مسلم ليگ (ن) جي ’اسٽيبلشمينٽ  آشنائي ‘ معتبر رهي ۽ ستانوي کانپوءِ  2013ع ۾ بھ  وڏي اڪثريت  جي الزامن مان مستفيد ٿي. ڌانڌلي جا الزام تڏھن بھ لڳا ۽ واضح اڪثريت جي خواهش پڻ پوري ٿي ھئي.

2018 ع جي  اليڪشن تھ  بند اکين سان بھ نظر اچي رھي ھئي. اسٽيبلشمينٽ تحريڪ انصاف جي اهڙي نموني کليل حمايت ڪندي سامهون آئي جو باقي ڪو به پردو نه بچيو. ڪڏهن ن ليگ جي هڪ وڪيٽ ڪِري، ڪڏهن ٻي.  ڏاکڻي محاذ جي تھ سرائيڪي بيلٽ جي سموري قيادت تحريڪ انصاف جي جھولي ۾ اچي ڪِري پئي.ڳچيءَ ۾ ٽنگڻ وارو ھڪ جھنڊو ۽ ان جي پويان اڻ ڏٺل ڏنڊو ، آخرڪار سياسي وڪيٽن جو نشان بڻجي ويو ۽ اهڙي طرح چونڊن کان اڳ سياسي وفادارين جي صورت چونڊ ڌانڌلين جي شروعات ٿي .

ڳالهھ اتي ئي رھجي وڃي ھا تھ درست ھو. عدليه جي محاذ تي بھ هڪ طرف صداقت ۽ امانت جون سندون ، تھ وري ٻئي طرف نااهليت جي تلوار هلندي رهي. نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي قھر جو نشانو بڻيو، جڏهن ته تحريڪ انصاف فائدو کڻندي رهي.ن ليگ جي سياسي مخالفن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ تحريڪ انصاف جي لاءِ رستو صاف ڪيو ويو.

سادي اڪثريت جي ھِتان ھُتان کان ورتل  حمايت جي حڪومت تھ ٺهي وئي  پر اها دوستي جٽاءَ نھ ڪري سگھي.تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ  جي اھڙي ڳچيءَ ۾ پئي جو ڪڏھن نھ وسرندي.

9  مئي کان پوءِ، حالتون يڪدم بدلجي ويون، مقتدره غير سياسي مان سياسي ٿي وئي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڏوهي ڪير آهي؟ تحريڪ انصاف  جنهن سياست ۾ تشدد کي  متعارف ڪرايو ۽ غيرسياسي ۽ غير دانشمنداڻن فيصلن سان  اسٽيبلشمينٽ کي مضبوط ڪيو، يا طاقتور حڪمرانن جو غيرسياسي ٿي وڃڻ  رڳو اکين جو دوکو ھو ؟

بهرحال هاڻ اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي مضبوط ۽ طاقتور ٿي چڪي آهي، ان ڪري هاڻي اکين جي تارن کي به ڳالهائڻ جي ’مشروط اجازت‘ ئي ھوندي.

نواز شريف واپس اچي رهيو آهي،خوب هلچل آھي تھ  لنڊن مان ريڊ ڪارپيٽ روانگي کانپوءِ ھاڻي واپسي پڻ شاندار ٿيندي.ھڪ ٻيو اسٽيج پڻ تيار ٿي ويو آھي.تحريڪ انصاف جون وڪيٽون ڌڙاڌڙ ڪِري رهيون آهن ۽ استحڪام پارٽي جو ”سياسي بفر زون“ تيار آهي.

فرخ حبيب جهڙو تحريڪ انصاف جو جيالو ”روپوشي ۽ گرفتاري “  کانپوءِ عمران خان خلاف چارج شيٽ کڻي بيٺو آهي. فرخ حبيب کي شاگردي واري دور کان ئي تحريڪ انصاف  سان تعلق ۾ ڏسندا رهيا آهيون ۽ جنهن انداز ۾ فرخ صاحب سياست ۾ جدوجهد ۽ نظرياتي وابستگي کي سڀ ڪجھه سمجھيو ھو،ان جو مثال گھٽ ملي ٿو. جڏهن اهڙا ڪارڪن لاتعلقي ڏيکارين ته سمجهو نظرئي جو پنھنجي ھٿان موت ٿي ويو آھي.

ڇا بدليو آهي؟ ڪالهه هڪ جيل ۾ هو، اڄ ٻيو. جيڪڏهن  ڪجھه تبديل ٿيو آهي ته اھو  اسٽيبلشمينٽ جي عينڪ جو نمبر…. باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. ڪالهه تحريڪ انصاف کي اميد هئي، اڄ مسلم ليگ ن اميد سان آهي. باقي انقلاب زنده باد.

 

ڇا بدليو آهي؟ ڪالهه هڪ جيل ۾ هو، اڄ ٻيو. جيڪڏهن  ڪجھه تبديل ٿيو آهي ته اھو  اسٽيبلشمينٽ جي عينڪ جو نمبر…. باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. ڪالهه تحريڪ انصاف کي اميد هئي، اڄ مسلم ليگ ن اميد سان آهي. باقي انقلاب زنده باد.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.