عالمي برادري، دهشتگرد رياست اسرائيل کي لغام ڏي

تحرير: طفيل مگسي

اسرائيل جنهن جي آبادي هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ ناهي بلڪ صرف اسي(80) لک آھي يعني هن جي آبادي دادو ضلعي جي آبادي کان ٿوري سرسي ٿي سگهي ٿي.پر ان امريڪا جي ناجائز ڄاول قوم اڍائي سو ارب جي ويجهو مسلمانن جي نڪ ۾ ناڪيلي ڏئي ڇڏي آھي.اڄ اسرائيل جي صيهوني رياست جهڙي ريت مسلمانن جو بيگناه رت وهائي رهي آھي.تاريخ ۾ ان جو مثال گهٽ ئي ملي ٿو.ايستائين ته وڏي عمر جي ماڻھن کي ئي نه بلڪ گلن جهڙن معصون ٻارڙن کي به پنهنجي پليت ذھنيت جو نشانو بڻائي رهي آھي.پر افسوس اهو آھي ته ان باوجود سڄي دنيا ڄڻ ٻوڙي.گونگي ۽ انڌي هجي جو ايڏي بربريت ۽ وحشيت تي خاموش آھي.سڄي دنيا ۾ حقيقت ۾َڏٺو وڃي ته يهودين جو انگ صرف هڪ ڪروڙ چاليهه لک آھي.جڏھن ته مسلمان سوا عرب يعني هڪ يهودي سو مسلمانن جي برابر آھي.ڇا اها ڳالهه مسلمانن جي لاءِ  افسوس جوڳي ناهي ؟ته ڏيڍ ڪروڙ در در جا ڌڪاريل يهودي هر ميدان ۾ اڳتي ئي اڳتي آھن؟22ڪروڙ عرب گڏجي ڪري به اسرائيل جي هڪ سر به نه اکيڙي سگهيا.نه سائنس ۾ .نه تحقيق وريسرچ ۾ .نه ميڊيڪل ۾ ۽ نه ڪنهن ٻي فيلڊ ۾ .

آمريڪا جنهن مئي 1948ع ۾ پنهنجي ناجائز اولاد يهودين جي رياست اسرائيل جي وجود ۾ ايندي ئي کيس سڀ کان پهرين تسليم ڪري ورتو هو.جيتوڻيڪ سڄي اسلامي تاريخ ۾ اسرائيل کان علاوه ڪو هڪ به ننڍڙو مثال نٿو ملي ته ڪنهن غير مسلم قوم ٻاهر کان اچي ڪري اسلامي سرزمين تي نه صرف قبضو ڪيو هجي بلڪ هڪ اسلام دشمن رياست به قائم ڪري ڇڏي هجي.ياد رهي ته ڪنهن زماني ۾ آمريڪي صدر جي ڌمڪي پنهنجي حساب سان وڏو دٻدٻو رکندي هئي. پر هينئر ان کي پاڙي جي غنڊي کان وڌيڪ نٿو سمجهيو وڃي يعني هڪ اهڙو غنڊو جيڪو سامهون واري کي ڏسي ڪري سکڻين فلمن جي ڊئلاگ واريون ڌمڪيون ڏيئي ٿو.سمجهدار ماڻھو هن جي اڳيان خاموش رهن ٿا ۽ بعد ۾ وري سندس بي عقلي تي کل روڪي نٿا سگهن.اوهان اڄ تائين ايتري وڏي طاقتور شخصيت کي ايترو شرمسار ٿيندي نه ڏٺو هوندو.جنهن کان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن وقت امريڪي صدر جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟نيٺ ڪو ته ڌيان هوندو ته ڪلنٽن کان وٺي ڪري اڄ تائين سمورا آمريڪي صدر قانون موجود هئڻ جي باوجود يروشلم کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ تسليم ڪرڻ کان پاسو ڪندا رهيا.يهودين جا ته اهي به دادلا هئا.يهودي لابي کان چونڊن واري بجيٽ ۾ اربين روپيا ته اهي به حاصل ڪندا هئا.انهن تي به پنهنجن واعدو پاڙڻ جو دٻاءُ ھوندو هو.پر اهي بيوقوفي جا قائل نه هئا جنهن ڪري اهو عمل کانئن نٿي ٿي سگهيو.جيڪو اسرائيل ٿي چاهيو هو.قرآن شريف جي شهادت جي مطابق يهودي قوم سدائين ڀت جي پٺيان يا ڪنهن جي ڪلهي تي بندوق رکي وڙھندي آھي.پر سامهون اچي ڪري ميدان فتح ڪرڻ يهودين جي مزاج  ۾ ناهي.اسرائيل پردي جي پٺيان اچي ڪري سازش جا ڄار اڻڻ جي عادي انهيءَ   قوم جي بي حيائين ۽ سازشن جا نشان تاريخ جي هر دور ۾ رقم ٿيا آھن.يهودين جي ڪتاب ۾ لکيل آھي ته توهان جو مسيح ايندو ۽ توهان يروشلم کان سڄي دنيا تي حڪومت ڪندو.اڳتي اچڻ وارن سالن  جي لاءِ  هن هڪ هدايت نامو ترتيب ڏنو جنهن کي صيهونيت جي بزرگن جو مسودو سڏين ٿا.ان جي ٺيڪ يارهن سالن کان پوءِ  هنن بلفورڊڪلريئشن جي وسيلي سموري دنيا جي قومن کان اها ڳاله مڃرائي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ يهودي هڪ قوم آھي.چاهي اهي ڪهڙي ٻولي ڳالهائين يا ڪنهن به نسل سان تعلق رکن.انهن کي سرزمين فلسطين ۾ آباد ٿيڻ جو حق حاصل آھي.ڪنهن غير يهودي سان انصاف ڪرڻ هنن وٽ حرام آھي.

يهود جي مشھور مذھبي شخصيت تالمود جو قول آھي ته جڏھن اوهان ڪٿان کان گذرو ۽ ڪنهن کڏ ۾ ڪو ويڳاڻو فرد ڪريل نظر اچي ته کڏ تي پٿر رکي ان کي بند ڪري ڇڏيو ته جيئن ان جي ٻاهر نڪرڻ جا امڪان گهٽ ٿي وڃن.اسرائيل جي پٺيءَ  تي “ڪوه صيهون “به آھي.جنهن جي نسبت سبب ان کي صيهوني رياست به سڏيو وڃي ٿو.صيهوني رياست جون پاليسيون يهودي مذھبي اڳواڻن جي هدايتن ۽ انهن جي فتوائن جي روشني ۾ جوڙيون وينديون آھن.“يهودي راهب“فلسطينين جي خلاف نسل پرستي جي حمايت تي فتويٰ جاري ڪن ٿا ۽ رياست ان کي عملي صورت ڏيئي ٿي.اسرائيل جا سمورا مذھبي اڳواڻ فلسطينين ۽ عربن جي قتل عام جون فتوائون ڏين ٿا ۽ اسرائيلي قوم.انهن جي فتوائن تي عمل ڪري ٿي.اسحاق گٽسبرگ ۽ اليا هو شموئيل جهڙن يهودي راهبن عربن ۽ فلسطينين جي قتل.ڦرلٽ.مدجدن کي شھيد ڪرڻ.۽ گرجا گهرن کي ساڙڻ جون سوين فتوائون جاري ڪري ڇڏيون آھن.يعند نج مذھبي بنيادن تي قائم يهودي نظرياتي اهڙي رياست آھي جنهن ۾ ڪنهن غير يهودي ۽ خاص ڪري مسلمانن جي ڪنهن ادني مفاد جي لاءِ  به ڪا همدردي نه رکي وئي آھي.

9 نومبر 1914ع ۾ برطانيه جي ڪابينا ۾ پهرين ڀيرو صيهونيت ۽ پروٽو ڪول بحث ھيٺ آيو ۽ چئن ڏينهن کانپوءِ  هنن خلافت عثمانيه سان جنگ جو اعلان ڪيو.21جنوري 1915ع ۾ برطانوي ڪابينا ۾ هربرٽ سيموئيل هو ميمورنڊم“فلسطين جو مستقبل“پيش ٿيو.ان کانپوءِ  1919ع ۾ پهريون يهودي قافلو لنڊن.پيرس.برلن ۽ نيويارڪ جهڙن ماڊرن شھرن ۾ پنهنجيون اربين ڊالرز جون جائيدادون ۽ ڪاروبار ڇڏي ڪري طبريا سمنڊ پار ڪري حيفا ۽ تل ابيب جي ريگستان ۾ اچي آباد ٿيڻ جي لاءِ  پهتو ۽ اڄ تائين اهو سلسلو بنار روڪ رنڊڪ جي جاري آھي.۽ اهي اتي ڪنهن عيش پرست زندگي گذارڻ .سائنس وٽيڪنالوجي جي ترقي ۽ علم جي اڄ اجهائڻ نه آيا هئا پر هڪ سو سال کان هڪ وڏي جنگ وڙھڻ جي لاءِ  اچي رهيا آھن.جيڪا هنن کي مسلمانن سان وڙھڻي آھي. ۽ پوءِ  اهڙي سلطنت قائم ڪرڻي آھي.جنهن ۾ اردن.شام.قطر.بحرين.يو اي ئي.يمن ۽ مديني تائين لپيٽ ۾ اچي ويندا.هر يهودي اهوئي خواب ڏسي ٿو ۽ ان جي لاءِ  گهر گهاٽ ڇڏي ڪري اسرائيل پهچي وڃي ٿو يا پوءِ  جتي به آھي پنهنجي دولت جو ڳچ حصو اسرائيل جي ترقي جي لاءِ  موڪلي ٿو.هن جي هٿيارن جي خريداري جي لاءِ  ۽ ھن جي معاشي بهتري جي لاءِ  .31 سالن کان پوءِ  مغرب انهن کي حيفا ۽ تل ابيب جي ريگستاني علائقي تي مشتمل ملڪ 1948ع ۾ ٺاهي ڪري ڏئي ڇڏيو ۽ پنهنجي قيام جي پهرين 19سالن ۾ هنن پاڙيسري عربن سان مسلسل جنگ جاري رکي ۽ 1967ع ۾ يروشلم (بيت المقدس) تي قبضو ڪري ورتو .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.