صبح جو اسڪول ويندڙ ٻارن تي نظر وجهجي ته ايئن لڳندو آهي ته هو سڄي دنيا جو بار پنهنجن نازڪ ننڍڙن ڪلهن تي کڻي رهيا آهن. پاڪستان جي اڪثر اسڪولن ۾ پڙهڻ وارا ٻار هر ڏينهن ڏهه کان ويهه ڪلو وزني اسڪول بيگ کڻي وڃن ٿا.
مان روز ٻارن کي اسڪول ويندي ڏسندي آهيان. ڪي جي، هجي يا پريپ يا وري ايليمينٽري اسڪول جي ٻارن جا ڳرا بيگ ڏسي مان حيران ٿي ويندي آهيان. ڇو ته ٻارن جي پٺين تي ڪتابن جو وزن اڪثر سندن وزن کان به وڌيڪ هوندو آهي. جڏهن ڪو ٻار ڪتابن جي ڀريل ٿيلهن سان اسڪول پهچندو آهي ته ٿڪاوٽ ۽ سستي سندن چهري تي واضح هوندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته وزني بيگز نه رڳو ٻارن جي جسمن کي متاثر ڪن ٿا پر سندن دماغن تي به انجو گهرو اثر ٿئي ٿو. ڳچيءَ جي رڳن ۽ ڪلهن ۾ درد جي شڪايتن کان علاوه ٻين بيمارين جو به خطرو هوندو آهي. جنهن جو سڌو سنئون اثر تعليم تي پوندو آهي. هڪ رپورٽ ۾ هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن وٽ روزانو ڪيترائي ٻار سخت پيٽ جي درد جي شڪايت، چيلهه ۾ سور جي شڪايت ڪندي ايندا آهن. شاگردياڻين ۾ وزن گھٽائڻ جي حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻارن کي روزانو ڪم جي ڪلاڪن جي حساب سان صرف ڪجهه ڪتاب اسڪول کڻي وڃڻ گهرجن. شاگردن کي گهٽ ۾ گهٽ هوم ورڪ ڏنو وڃي يا اسڪولن ۾ لاڪر ڏنا وڃن، جتي ٻار اضافي ڪتاب محفوظ رکي سگهن.
اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه سال اڳ ڊسمبر جي مهيني ۾ اسڪول بيگز جو وزن مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ بل پيش ڪيو ويو هو. ان جو نالو رکيو ويو هو ”اسڪول بيگز لميٽيشن آف ويٽ بل 2020“. هن بل موجب نرسري ڪلاس جي ٻارن جي ٿيلهي جو وزن 1.5 ڪلوگرام، پهرين ڪلاس جي 2.4، ڪلاس II لاءِ 2.6، ڪلاس 3 جي لاءِ 2.6، 4 ڪلاس جي 6 لاءِ ۽ هاءِ سيڪنڊري ڪلاس جي ٻارن جي ٿيلهي جو وزن 7 ڪلوگرام هئڻ گهرجي.
هڪ والده شڪيله نياز جو چوڻ آهي ته اسان معياري تعليم لاءِ ايتري رقم نٿا ڏئي سگهون. فيس اهڙي هئڻ گهرجي جيڪا هرڪو برداشت ڪري سگهي، منهنجو خيال آهي ته هتي طبقاتي نظام کي پروموٽ ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري مڊل ڪلاس جا ٻار انهن اسڪولن ۾ نه ٿا وڃي سگهن، جڏهن ته سٺي تعليم سڀني ٻارن جو بنيادي حق آهي يا ته حڪومت ان واڌ تي ايڪشن وٺي يا سرڪاري اسڪولن جو معيار ايترو بهتر ڪري جو اسان پنهنجن ٻارن کي انهن اسڪولن ۾ پڙهايون.
هن ٻڌايو ته هن سال جون ۽ جولاءِ جي فيسن ۾ يوٽيلٽي جي نالي تي جنريٽر ۽ اي سي چارجز سميت سيڪيورٽي ۽ پلاٽ چارجز وصول ڪيا ويا آهن.اسان اڳ ئي حڪومت کي ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهيون، سو اسان تي ڪجهه رحم ڪيو وڃي اسان مڊل ڪلاس جا پگهاردار ماڻهو آهيون.
خانگي اسڪول هلائيندڙ اعجاز شيخ، مغربي ملڪن جي تعليمي نظام جو حوالو ڏيندي چيو ته، ”ٻاهر ڏسو، ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم مفت آهي، پر هتي ته اسان جو سمورو خرچ تعليم ۾ هليو وڃي ٿو.“. اسڪول ۾ لڳ ڀڳ هر ڪنهن جا ٽي، چار ٻار آهن ۽ جيڪڏهن ساليانو اندازو لڳايو وڃي ته هڪ ٻار جي گهٽ ۾ گهٽ فيس 2.5 لک رپيا آهي جيڪا اسان جي وس کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي.
سو حڪومت کي گهرجي ته ڪتابن جي معيار کي وڌائڻ جي پاليسي تي زور ڏئي ۽ وڌيڪ تخليقي تعليم جي ترغيب ڏي. اهو ڪم نصاب سان شروع ٿيڻ گهرجي. ابتدائي عمر لاءِ ، ڪجهه ڪتاب ۽ ڪجهه اسٽيشنري ڪافي هجڻ گهرجي.
ڳرا ڪتاب اجايون ڪاپيون، نوٽ بڪ ۽ ڊائريون ٻارن سان گڏوگڏ انهن جي والدين تي اجايو ٻوجهه وجهڻ ناانصافي آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن به داخل ڪئي وئي هئي ته اسڪولي ٻارن تي ڪتابن جو غير ضروري بار نه وڌو وڃي پر ان درخواست تي ڪو فيصلو نه آيو آهي.
مان روز ٻارن کي اسڪول ويندي ڏسندي آهيان. ڪي جي، هجي يا پريپ يا وري ايليمينٽري اسڪول جي ٻارن جا ڳرا بيگ ڏسي مان حيران ٿي ويندي آهيان. ڇو ته ٻارن جي پٺين تي ڪتابن جو وزن اڪثر سندن وزن کان به وڌيڪ هوندو آهي. جڏهن ڪو ٻار ڪتابن جي ڀريل ٿيلهن سان اسڪول پهچندو آهي ته ٿڪاوٽ ۽ سستي سندن چهري تي واضح هوندي آهي.