مارڪس هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”انسان کي حاصل حق فطرت جو ڪو تحفو نه آهن ۽ نه ئي تاريخ جو ورثو آهن، پر انسان جي زنده رهڻ لاءِ ڪيل جدوجهد جو نتيجو آهن ۽ نسل در نسل حاصل ٿيل مراعتون آهن، اهي تايخ جي حاصلات آهن ۽ انهن حاصلاتن تي انهن جي مالڪي جن اهي حاصل ڪيون“
مارڪس جي ڪيل مٿئين ڳالهه کي اڳيان رکي ڪري اسين سمجهي سگهون ٿا ته مزدورن کي مليل ٿورا گهڻا حق ڪي سرمائيدارن جون مهربانيون نه آهن پر اهي حق مزدورن جي پنهنجي ڪيل تاريخي جدوجهد جون حاصلاتون آهن.
شهري علائقن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي ۾ پورهيتن جو وڏو تعداد آهي ۽ زراعت جي شعبي ۾ 43 پوائنٽ 5 سيڪڙو ۽ انڊسٽري 22 پوائنٽ 5 سيڪڙو، جڏهن ته جيڪي مزدور ملازمت جي صورت ۾ پورهيو ڪن ٿا، انهن جو تعداد 34 سيڪڙو ڄاڻايو ويو آهي، رپورٽ ۾ اهو واضع ٿي چڪو آهي ته زراعت جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ پورهيت موجود آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ فرد سان گڏ ان جو سڄو خاندان پورهيو ڪري ٿو انهن جو تعداد 24 پوائنٽ 4 سيڪڙو آهي. شهري علائقن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پورهيتن جو تمام گهڻو انگ آهي، جن مان هڪ وڏي حصي جو تعلق سڌو سنئون زراعت سان آهي، پر جيئن ته جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام جي ڪري اهي پورهيت ظلم جو شڪار آهن کين پنهنجي مزدوري جو مناسب اجورو به نٿو ملي، ڏينهن رات محنت ڪرڻ باوجود هو پنهنجي ٻچن سميت هڪ ويلي جي پيٽ ڀري ماني به نٿا کائي سگهن، عورتون ڏينهن رات محنت مزدوري ڪرڻ سان گڏ پنهنجي گهر جون ذميواريون به نڀائين ٿيون، انهن پورهيت عورتن جو سڪون ئي ختم ٿيل آهي، ٻهراڙي ۾ بنيادي انساني ضرورتن جي به تمام گهڻي کوٽ آهي، جنهن ڪري پورهيتن جي تعليم تباهه ٿيل آهي، صحت جون سهولتون ناهن ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به کين نٿو ملي.
سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن مطابق سنڌ ۾ زرعي پورهيت عورتن ۾ فصل جي پوکائي سان گڏ فصل تيار ٿيڻ کانپوءِ واري مرحلي ۾ عورتن جو تمام وڏو انگ حصو بڻجي ٿو، جن ۾ ڦٽين جي چونڊائي، لابارو ۽ فصلن جي چونگائي واري مرحلي سميت سبزين جي مارڪيٽ تائين رسائي واري مرحلي جو حصو بڻجي ٿو، جيئن ته هي عورتون مٿي ڄاڻايل مرحلن ۾ مک ڪردار ادا ڪن ٿيون، پر سندن صحت ۽ جاني تحفظ جو ڪو به بندوبست ناهي، جڏهن ته ڦٽين جي چونڊائي ڪندڙ عورتن جي وڏي انگ کي ليبر ئي تسليم نٿو ڪيو وڃي.
اهڙي صورتحال ۾ پورهيت عورتن جي زندگي ۾ وڏا خطرا پيدا ٿيل آهن، جڏهن ته فيڪٽرين جي مزدورن جي صورتحال جو جائزو وٺون ته اتي پاس ٿيل قانونن ۽ ضابطن تي ڪوبه عمل نٿو ٿئي، فيڪٽري مالڪ جيئن چاهين مزدورن کان مزدوري ڪرائي سگهن ٿا، سرڪاري سطح تي اهڙيون ڪي به ٽيمون ناهن جيڪي فيڪٽرين، ڪارخانن ۽ ملن ۾ وڃي پورهيتن جو حال ڏسن ۽ فيڪٽري مالڪن تي قانون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڏوهه ڏنڍ رکن. عالمي سطح تي پاڪستان پورهيتن جي تحفظ جي حوالي سان عالمي اداري آءِ ايل او جا 34هين ڪنوينشنن تي صحيح ڪئي آهي، پر هتي انهن تي عمل ٿيندي نظر نٿو اچي، وفاقي سطح کان هٽي ڪري 8 هين ترميم کانپوءِ صوبن کي مليل اختيارين کانپوءِ به صوبائي سطح تي به هارين، پورهيتن ۽ مزدورن جي تحفظ لاءِ ڪي اهڙا سخت قانوني ٺاهي ۽ ان تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش به ناهي ڪئي وئي.
اڄ جي پورهيتن جي زندگي جو جائزو وٺجي ته پورهيت اڄ به ظلم جو شڪار آهن ۽ هاري، پورهيت تنظيمون ۽ ٽريڊ يونينون زوال جو شڪار آهن. پاڪستان جي قسمت جو فيصلو هتان جا مزدور، هاري ۽ پورهيت ڪري سگهن ٿا، ڇو ته هو پاڪستان جي گهڻي آبادي آهن، عوام کي کارائين، پيارين، پهرائين ۽ جيارين ٿا. ضياءَ جي دور ۾ مزدور يونين هلائڻ ۽ ٺاهڻ تي پابندي وڌي وئي، پورهيتن سان ظلم جو سلسلو شروع ڪيو ويو، ملتان ۾ ٽيسڪٽائيل مل ۾ پورهيتن کي بند ڪري شهيد ڪيو ويو، ڪراچي ۾ پورهيت ماريا ويا. مزدورن جون طاقتور يونينون وري بحال ٿي سگهن ٿيون ۽ اهي هن ملڪ جا فيصلا ڪنديون. شڪاگو سميت سڄي دنيا جي شهيدن جي رت جو ثمر آهن.شڪاگو جا مزدور جيڪي 1886 ڌاري پنهنجي ڪم جو وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪرائڻ چاهين پيا.اها 8 ڪلاڪ تحريڪ ڪا اچانڪ ڪو نه اُڀري هئي پر ان کان پهريان 1827 ۾ فيلاڊيلافيا آمريڪي رياست ۾ 10 ڪلاڪ ڪم جو وقت مقرر ڪرائڻ لاء وڏيون هڙتالون ٿيون نيٺ ان وقت جي آمريڪي سرڪار 1837 ۾ 10 ڪلاڪ ڪم جو وقت مقرر ڪيو،ان کانپوءِ 1884 ۾ 8 ڪلاڪ ڪم جي تحريڪ جنم وٺي ٿي جنهن ۾ آمريڪا جي وڏين رياستن ۾ وڏيون هڙتالون ٿين ٿيون جيڪي ان وقت جي آمريڪي سرمائيدار کي هڪ اڻ کٽ پريشاني ۾ وجهي ٿيو ڇڏين اها پريشاني 1 مئي 1886 تي ظاهر ٿئي ٿي جڏهن هٿين خالي مزدورن تي پنهنجي پالتوسرڪاري غنڊن پوليس جي ذريعي سڌيون گوليون ٿا هلرائن جنهن ۾ درجنين شهيد ۽ سوين مزدور ڦٽي ٿين ٿا. ان کانپوءِ ڪميونسٽن جي عالمي تنظيم ٻين انٽرنيشنل هن ڏينهن کي پورهيتن جو عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو،۽ ان کانپوءِ سڄي دنيا اندر مزدورن جا وڏي تعداد ۾ مطالبا مڃيا ويا.انهي مزدور تحريڪ جي جدوجهد ئي هئي جنهن اڳتي هلي نومبر 1917 ۾ روس اندر دنيا جي وڏي مزدور انقلاب کي ڄڻيو ۽ دنيا جي چوٿين حصي تي مزدور راڄ قائم ڪيو.