ڪولمبو)ويب ڊيسڪ) سريلنڪن حڪومت ملڪ جي ڪرڪيٽ بورڊ جو عارضي ڪنٽرول سنڀالي ورتو، گڏوگڏ ”اسٽرڪچرل ريفارمز“ لاءِ 9 ميمبرن تي ٻڌل عبوري انتظاميا پڻ جوڙي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، عالمي ڪرڪيٽ گورننگ باڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل 2023-24 دوران سياسي مداخلت سبب سريلنڪا ڪرڪيٽ کي 2 مهينن لاءِ معطل پڻ ڪيو هو.
سريلنڪا جي نوجوانن جي معاملن ۽ اسپورٽس واري وزارت طرفان گذريل ڏينهن اعلان سامهون آيو هو ته سمورا انتظامي معاملا فوري طور تي وزارت جي ماتحت ڪيا ويا آهن.
وزارت جو چوڻ هو ته اڳوڻي انويسٽمينٽ بينڪر ۽ اپوزيشن سياستدان ايران وڪرامارتني کي بورڊ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.
سريلنڪا حڪومت طرفان مقرر ڪيل ٻين ميمبرن ۾ اڳوڻو ڪپتان ڪمار سنگاڪارا ۽ اڳوڻا ٽيسٽ ڪرڪيٽر سداٿ وٽمني ۽ روشن ماهناما شامل آهن.
وزارت جو چوڻ آهي ته هي عارضي ڪميٽي موجوده مسئلن جي حل ۽ ڪرڪيٽ جي ڍانچي ۾ سڌارن لاءِ ڪم ڪندي.
واضح رهي ته شمي سلوا اڱاري ڏينهن پنهنجي سڄي بورڊ سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ حڪومت پاران هي اعلان سامهون آيو آهي.