پاسپورٽ ٺهرائڻ وارن لاءِ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ نارمل پاسپورٽ جي فراهمي جو مدو 21 ڏينهن مان گهٽائي 14 ڏينهن ڪيو ويو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ پاسپورٽ جي فراهمي واري نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس دوران گهرو وزير محسن نقوي اعلان ڪيو ته هاڻي نارمل پاسپورٽ جي فراهمي 21 ڏينهن جي بدران 14 ڏينهن اندر ڪئي ويندي ته جيئن شهرين کي گهٽ وقت ۾ پاسپورٽ ملي سگهي، ان سان گڏوگڏ پاسپورٽ جي گهرن تائين پهچائڻ (ڊيليوري) واري نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.
گهرو وزير محسن نقوي پاسپورٽ آفيسن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن اندر مڪمل ”ڪيش ليس“ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيندي چيو ته روڪ رقم جي ادائيگي ختم ٿيڻ سان ايجنٽ مافيا جو خاتمو ٿيندو ۽ شهرين کي سهولت ملندي.
هن وڌيڪ چيو ته پاسپورٽ اٿارٽي جو قيام نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي.
اجلاس دوران بزنس پاسپورٽ جي فراهمي واري نظام کي به جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي ڪم تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون ته جيئن ڪاروباري طبقي کي پاسپورٽ جي حاصلات ۾ ڪا به تڪليف نه ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.