ممبئي ( ويب ڊيسڪ) راجسٿان رائلز جي ڪپتان ريان پراگ کي آءِ پي ايل 2026 دوران ظابطن جي ڀڃڪڙي تي سزا ٻڌائي وئي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) موجب، ڪرڪيٽر پنجاب ڪنگز خلاف نيو چنڊي ڳڙهه ۾ کيڏيل ميچ دوران ڊريسنگ روم ۾ ويپ استعمال ڪندي ڏٺو ويو هو، جنهن جي ڪري مٿس ميچ فيس جو 25 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو ۽ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به ڏني وئي.
بي سي سي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڪرڪيٽر آءِ پي ايل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 2.21 جي ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪو اهڙي رويي بابت آهي جنهن سان راند جي ساک کي نقصان پهچي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ريان پراگ پنهنجي غلطي قبول ڪندي ميچ ريفري طرفان ڏنل سزا قبول ڪري ورتي آهي.
بورڊ اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ليگ جي ساک برقرار رکڻ لاءِ ٽيم، آفيشل ۽ رانديگرن خلاف سخت ڪارروائي جي اختيارن تي غور ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ راجسٿان رائلز جي ئي ٽيم مئنيجر رومي ڀنڊر کي ڊگ آئوٽ ۾ موبائل فون استعمال ڪرڻ تي ڏنڊ مڙهيو ويو هو.