پهرين مئي جي شهيدن کي سرخ سلام

امداد قاضي

پھرين مئي تي آمريڪا، خاص طور شڪاگو جي مزدورن سرمائيداريءَ جي ظلم يعني 18 ڪلاڪ ڪم، معمولي اجرت تي ۽ ناقابلِ برداشت حالتن ۾ ڪم ڪرڻ خلاف بغاوت ڪري، پنهنجين جانين جو نذرانو ڏئي، سينن تي گوليون کائي ۽ ڦاسين تي چڙهندي 8 ڪلاڪ ڪم، مناسب اجرت ۽ بهتر حالتنِ ۾ ڪم ڪرڻ مقرر ڪرايا. ان کان پوءِ سڄي دنيا جي ڪميونسٽن ان حوالي سان پھرين مئي کي "شڪاگو جي شهيدن جو ڏينهن“ ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح سڄي دنيا ۾ 8 ڪلاڪ ڪم، 8 ڪلاڪ آرام ۽ 8 ڪلاڪ گھر لاءِ مقرر ڪرائڻ جي تحريڪ شروع ٿي.

ان وچ ۾ روس ۾ ڪامريڊ لينن مزدور طبقي کي منظم ڪري انقلاب آندو، زار بادشاهه کي شڪست ڏئي تخت تان لاٿو ۽ مزدور طبقي جي پهرين رياست قائم ڪئي. جتي حڪمران مزدور طبقي جا نمائندا هئا ۽ پيداوار جو منافعو ڪنهن جي ٽجوڙين ۾ نه، پر واپس انهن مزدورن تي خرچ ٿيڻ لڳو. کين مفت تعليم، مفت علاج، مفت گھر ۽ هر هڪ کي روزگار جي ضمانت ڏئي، سوشلسٽ نظام قائم ڪيو ويو. ان کان پوءِ سڄي دنيا ۾ مزدور طبقي کي شعور آيو ۽ سندن نمائنده پارٽيون قائم ٿينديون ويون ۽ مزدورن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيائون.

پاڪستان ۾ به 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان قائم ٿي ۽ هن مزدور طبقي کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. رياست 1954ع ۾ پارٽي تي پابندي مڙهي ڇڏي، ۽ پارٽي اڳواڻن، مزدورن ۾ ڪم ڪندڙ ساٿين کي جيل، ڪوڙن، تشدد ۽ عقوبتن جو نشانو بڻايو ويو. پر ڳجھي نموني، مختلف پارٽين ۾ رهي ڪري هنن ڪم جاري رکيو. اهڙيءَ طرح پارٽي جي تربيت يافته نظرياتي ڪيڊر، جيڪو قربانيءَ سان سرشار، بي خوف ۽ لالچ کان ڪوهين ڏور، بهادري ۽ قربانيءَ جي جذبي تي ڪاربند هو، تنهن ملڪ جي هر شعبي ۾ مزدورن جون تنظيمون قائم ڪرايون. صحافين کان ڊاڪٽرن تائين، استادن کان پٽيوالن ۽ مالھين تائين، عورت ورڪرن کان ميونسپل ورڪرن تائين، هوائي جهاز کان ريل گاڏي تائين، ٽرڪ ۽ بس کان گڏه گاڏي تائين، پورھيت پنهنجن حقن لاءِ زبردست تحريڪون هلائڻ لڳا.

سڀ کان پهرين هنن مستقل مقرري نامو، يونين سازي ۽ گڏيل سوداڪاريءَ جو حق حاصل ڪيو. سندن حقن جو تعين ٿيو. 8 ڪلاڪ ڪم جو وقت مقرر ٿيو، ۽ گھٽ ۾ گھٽ اجرت مقرر ٿي. هن جدوجهد جي ڪري ملڪ ۾ صحافين لاءِ ويج بورڊ، عورتن لاءِ پگھار سان ميٽرنٽي ليُو، ليُو انڪيشمينٽ، بينيولينٽ فنڊ کان وٺي جهيز گرانٽ ۽ ڊيٿ گرانٽ، مزدورن لاءِ مل تائين پهچڻ لاءِ سواري يا سائيڪل ڏيڻ ۽ سندس گھر واريءَ کي سلائي مشين ڏياري وئي ته جيئن هوءَ سلائيءَ مان ڪمائي ڪري مڙس جي آمدنيءَ ۾ مددگار ٿئي. سوشل سڪيورٽي جنهن ۾ علاج جي مفت سهولت، مفت ۾ گھر مهيا ڪرڻ، مزدورن جي ٻارن لاءِ اسڪول، جتي کين ڪورس ۽ بوٽ سميت يونيفارم مفت ملي. 60 سال جي عمر ۾ پينشن جو حق، حادثاتي معذوريءَ تي معاوضو ۽ پينشن. اهي سمورا حق سندن جدوجهد سان کين مليا.

انهن تحريڪن دوران حڪمرانن، ڀلي مارشل لا وارا هئا يا سولين ۽ نام نهاد چونڊيل، سڀني نظرياتي مزدور اڳواڻن کي جتي جيلن ۽ عقوبت خانن ۾ وڌو، اتي جماعت اسلاميءَ ذريعي مزدورن ۾ ڦوٽ وجهي پاڪيٽ يونين به ٺهرايون. پر کين ناڪامي ٿي. ان کان پوءِ موقعي پرست ۽ صرف مزدورن کي معاشي مطالبن تائين محدود رکندڙ اڳواڻن کي ميدان ۾ لاٿو.

هاڻي صورتحال اها آهي ته روس ۾ ردِ انقلاب سبب دنيا ۾ مايوسي پکڙي ۽ انهن کي منظم ڪندڙ پارٽيون دنيا ۾ ڪمزور ٿينديون ويون. مزدور تنظيمن ۾ نظرياتي ورڪر گھٽبا ويا. ان جي جاءِ تي خوشامدي ۽ انتظاميا جا ڀرتي ڪيل ماڻهو مزدور تنظيمن ۾ قيادت تي اچي ويا. ان جي نتيجي ۾ مزدور تحريڪون ڪمزور ٿينديون ويون. اڄ حالت اها آهي ته سموريون رعايتون ۽ حق قانون جي ڪتابن ۾ ڪنهن حد تائين موجود ته آهن، پر لاڳو ناهن. عالمي سرمائيدارن گڏيل قومن جي معرفت هڪ نئون IRA ٺهرايو آهي. 2024 ۾ پاڪستان ۾ به متعارف ڪرايو ويو آهي. ڪجهه صوبن جي اسيمبلين ان کي پاس ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه ۾ التوا ۾ آهي. جڏهن ته صورتحال اها آهي ته هاڻي منظم ادارن يعني ملن ۽ فيڪٽرين ۾ مستقل مقرري نامو نه پر ٺيڪيداري نظام رائج آهي. غير منظم ادارن يعني ننڍين هوٽلن، دڪانن ۽ هوم بيسڊ يا گِگ ورڪرز جهڙوڪ بائيڪيا ۽ فوڊ پانڊا جهڙن ورڪرز کي 18-18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ اجرت جو تعين ئي نه آهي . ان ڪري نه سرڪار طرفان گھٽ ۾ گھٽ اجرت ڏني وڃي ٿي ۽ نه مستقل مقرري نامو. نه سوشل سڪيورٽي ۾ اندراج ڪرايو وڃي ٿو. ان ڪري نه کيس علاج جي سهولت ملي ٿي، نه پينشن، نه جهيز گرانٽ، نه ٻارن کي اسڪول ۽ نه ئي ٻيون اسڪيمون ملي رهيون آهن. جتي ڪجهه ماڻهو مستقل ملازمت رکن ٿا، اتي کين ورڪرز ويلفيئر بورڊ مان اسڪيمن جون سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن.

هن صورتحال ۾ هڪ طرف ته سڄي مزدور تحريڪ اڪثر مفاد پرست ۽ موقعي پرست قيادت جي هٿ اچي وئي آهي، ته ٻئي طرف ملڪ ۾ جدوجهد ۽ مزاحمت جو ڪلچر ناپيد ٿي ويو آهي. ملڪ تي جنرلن، جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سول آفيسر شاهيءَ جو راڄ آهي. جيڪي پنهنجون رعايتون وڌائيندا پيا وڃن ۽ مزدور طبقي، هارين ۽ عام عوام کي مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو اٿن. انقلابي ساٿين کي وري انقلابي نظرياتي سياسي ڪيڊر تيار ڪري ٽريڊ يونين ۾ ڳجھي نموني مزدورن جي گھرن ۽ محلن ۾ وڃي ملاقاتون ڪري کين شعور ڏئي منظم ڪري نئين انداز سان سندن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. مزدورن جي جدوجهد ئي عام عوام ۽ هارين کي به وري جُرئت ۽ مزاحمت ڏانهن راغب ڪري سگھي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح هن سرمائيداراڻي، جاگيرداراڻي، جنرل شاهيءَ جي نظام کان نجات ملي سگھي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.