اسان ڊگ ڊگي جي آواز ٻڌڻ جا شوقين آهيون. جڏهن در تي اهڙي ڪنهن ڊگ ڊگي يا دهل وڄڻ جو آواز ٿيندو ته سمورا گهر ڀاتي در تي پهچي ويندا ته متان ڀولڙي وارو ڪو رڇ وارو ڪرتب ڏيکارڻ يا ڍارو هڻندڙ جوڳي ته ناهي. ڀلي ڊگ ڊگي يا دهل وڄائڻ وارو ڪو مڱڻهار فقير يا جوڳي ڇو نه هجي جيڪو ڪنهن خوشي جي موقعي تي خيرات وٺڻ آيو هجي. اهڙن فقيرن ۽ مڱڻهارن کي خيرات گهرڻ جو فن اٿو اهو اوهان کي پيار ۽ دعائن واريون مختلف ٻوليون ٻڌائي ججها پئسا وٺي ويندو جيڪي اوهان عام فقير يا ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ کان لوائيندا آهيو.
هاڻ اهڙن دهلارين ۽ ڊگ ڊگي فقيرن جي جاءِ سياستدانن سنڀالي آهي جيڪي هر پنجين سال واٺن جي ولرن سان گڏ اوهان جي درن تي پهچي ووٽ وٺڻ واري اهڙي ته سين هڻندا جو اهي ڪڏهن به هٿين خالي واپس نه ورندا ووٽ وٺي پوءِ ورندا چوندا ته بابا اوهان جي وڏڙن جا يار آهيون انهن جو تڏو نه لڄايو، تڏي جو ذڪر نڪتو آهي ته ووٽ وٺڻ وارن کي تڏو ياد ئي پنجين سال ايندو آهي ڀلي کڻي ڪنهن جو قضيو ٿيو به نه هجي پر هٿ کڻي دعا گهرڻ لاءِ به پهچيو وڃن، جڏهن خبر پوندن ته جتي آيا آهيون انهن جو ته قضيو ٿيو ئي ناهي ته پوءِ پراڻا صدين وارا وڏڙن جا لاش پيا کوٽيندا چوندا ته اسان کان اها دعا رهجي وئي هئي جو لڳاتار اسيمبلي جا اجلاس پئي هليا.
ميلن ملاکڙن يا وري عام هنڌن تي شل نه ڪو وڏو ميڙ ڏسجي اتي پهچڻ به اسان جو دستور رهيو آهي جيڪو اسان لاءِ صدين کان جاري ۽ ساري آهي جڏهن ته سياستدانن لاءِ اهو دستور 73 کان هلندو پيو اچي. دستور کي دستور سمجهون ئي ڪونه جيڪڏهن سمجهون ها ته ملڪ سياسي مسئلن ۽ اجاين ڏڦيڙن جي ور چڙهي نه ها.
جنهن ميڙ جو ذڪر پئي ڪيم اهو ڪنهن مداري جو ڇو نه هجي پر ان مداري جا ٻول ٻڌڻ لاءِ پيرن تي بيهڻ ڪو مسئلو ناهي هوندو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان جو پيو رينگٽ ٻڌبو. مداري جي ميڙ ۾ مداري اڪيلو ناهي هوندو ان جا اڳواٽ تيار ڪيل ماڻهو موجود هوندا آهن جيڪي ها ۾ ها پيا ملائيندا ۽ تاڙيون وڄائيندا ته جيئن ٻين جو رت به اڀامي اهي به تاڙيون وڄائين.
اڳ ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مداري هوندو هو هاڻ گهر گهر ۾ مداري ڏسڻ لاءِ ملندا مطلب ته مدارين وارو ڪم به سياستدانن سنڀالي ورتو آهي، سياسي مدارين جي ميڙاڪن ۾ اوهان کي برياني ته ملندي ئي ملندي پر ڌڪا ٿاٻا به ضرور ملندا جو اسان ڌڪن ٿاٻن هڪ ٽنگ تي بيهي کين ٻڌڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون، جيئن مداري جي پهچڻ کان اڳ ان جا واٺا آکاڙي ۾ پهچندا آهن تيئن سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن جي پهچڻ کان اڳ انهن جا ليول پلئنگ پليئر پهچي ويندا آهن جيڪي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ ۽ ڪارڪنن کي گرمائڻ لاءِ ريليون ڪڍي رڙيون ڪندي نظر ايندا ته. هن وقت ملڪ مورثي سياست يعني هڪ ئي ڪٽنب جي ڀائرن ڀينرن پٽن ڌيئرن حوالي آهي اهي ئي حڪومت ڪندا . هڪڙا ٻاهر ويندا ٻيا پيا ايندا. هڪڙا جيلن مان پروٽوڪول وٺي واپس ورندا ٻيا جيلن جا در ڏسندا. اسان مدارين کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون مدارين جي سياست ۽ انهن جي ڊگ ڊگي جو اثر پيل آهي.
اوائلي دور ۾ دهلاري ته هوندا هئا پر گهر گهر دهل نه هو هاڻ اوهان کي گهر گهر دهل وڄندي نظر ايندو. جڏهن دهل گهٽ هوندا هئا ته خوشي جي موقعي تي مايون گهرن ۾ ٿالهه وڄائينديون هيون جنهن جي ڌن به دهل سان ملندڙ جلندڙ هوندي هئي مايون شادي مرادي جو ڪم کي کڻي وٺنديون هيون. سياسي پارٽين ۾ عورت ونگس جو قيام اچي چڪو آهي جنهن ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي نظر ايندي. سياسي ماحول اسي سالن جي پوڙهيءَ کي به جواني بخشي ڇڏي آهي جنهن جلسي ۾ عورتن جو انگ وڌيڪ هوندو ان پارٽي جي ڪاميابي جا امڪان چٽا هوندا آهن پر هنن جي اسيمبلي ۾ ڪا به نمائندگي نظر نه ايندي.ڪهڙي به پارٽي هجي پر اهڙين عورتن کي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نمائندگي ناهي ملي سگهي جن وٽ غربت جي ماريل عورت جو احساس هوندو آهي. اهو لازمي ناهي ته غربت جون ستايل سڀ عورتون جاهل ۽ اڻ پڙهيل هجن وٽن عقل شعور نه هجي. اهڙين عورتن جي به سينيٽ ۽ اسيمبلين ۾ نمائندگي هجڻ گهرجي. جڏهن غربت جون ستايل عورتون ايوانن ۾ اينديون ته غربت جو به خاتمو ايندو جو اهڙين عورتن وٽ غربت مٽائڻ جو رٿائون آهن. گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ عام چونڊن ۾ هر صوبي مان هڪ هڪ غربت جي ستايل عورت خاص سيٽن تي کنئي وڃي. جڏهن سمورين پارٽين جون هن درجي جون عورتون ايوان ۾ پهچندون ته غربت جي خاتمي لاءِ حقيقي آواز ٻڌڻ وٽان ملندا .
ضررت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي مدارڪي سياست مان ڪڍڻ گهرجي جو هاڻ مدارين وارو دور ناهي رهيو نه وري مدارين کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جيترو ڪنهن وٽ وقت به آهي دنيا جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي اسان به ان جو حصو آهيون. ايئن به نه ڪرڻ گهرجي جو ساڳي شهر ۾ هڪ مداري پنهنجو شو ڪري ٻئي کي ڪرڻ کان روڪيو وڃي جڏهن ته ٻنهي کي هڪ جيترو حق حاصل هجڻ گهرجي بند سياست جا در کلڻ گهرجن. ملڪ جو آئين ۽ قانون مٿاهون هجڻ گهرجي سموريون پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ ۽ سربراهه عام چوونڊون وڙهن پوءِ جن کي ماڻهو ووٽ ڏئي سوڀارو ڪن باقي ليول فيلڊ پلئنگ وارو رواج ملڪ ۽ قوم جو ستيو ناس ڪندو جيئن هن وقت معاشي طور تي لوڙيون پيا غربت مهانگائي جو انگ وڌي چڪو آهي جنهن ڪري ئي آءِ ايم ايف جي تابع آهيون جنهن جا آئي ڏينهن بادشاهي حڪم ملن ٿا.
ملڪ کي مدارڪي سياست مان ڪڍڻ گهرجي جو هاڻ مدارين وارو دور ناهي رهيو نه وري مدارين کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جيترو ڪنهن وٽ وقت به آهي دنيا جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي اسان به ان جو حصو آهيون. ايئن به نه ڪرڻ گهرجي جو ساڳي شهر ۾ هڪ مداري پنهنجو شو ڪري ٻئي کي ڪرڻ کان روڪيو وڃي جڏهن ته ٻنهي کي هڪ جيترو حق حاصل هجڻ گهرجي