غزا ( م ڊ ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس غزا جي الاهلي اسپتال تي اسرائيلي فوج جي حملي بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيل جي دوري تي تل ابيب پهتو، جتي هن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات ڪئي. آمريڪي صدر نيتن ياهو سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ غزا جي اسپتال تي حملي جو ذميوار فلسطيني گروپ کي قرار ڏنو ۽ چيو ته غزا ۾ اسپتال تي حملو بظاهر ڪنهن ٻي ڪيو هو.ان حوالي سان حماس جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا اسرائيل جي حمايت ۾ انڌهي جانبداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. اسپتال تي حملي کان ڪجهه دير اڳ اسرائيلي وزيراعظم ٽوئيٽ ڪيو ته هي جنگ اونداهي ۽ برائي جي ٻارن جي وچ ۾ آهي. جيڪو ٽوئيٽ بعد ۾ هن ڊليٽ ڪيو.