ڪراچي ( رپورٽر)جماعت اسلامي پاران غزه جي صورتحال جي حوالي سان “ فلسطين ڪانفرنس” خميس (اڄ) قباءَ آڊيٽوريم ۾منجهند 03 وڳي ٿيندي، مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ جي صدارت هيٺ ڪانفرنس ۾ سياسي، سماجي، ديني، قومپرست اڳواڻ، عالم سڳورا، وڪيل، صحافي، مزدور ۽ واپاري شريڪ ٿيندا. صوبائي اعلاميه موجب ڪانفرنس جا انتظام مڪمل مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن،ان سلسلي ۾ صوبائي امير محمد حسين محنتي هڪ وفد سان گڏ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالڪريم عابد، شيعه علما ڪونسل جي علامه ناظر عباس تقوي، غربا اهلحديث جي حافظ محمد سلفي، ايم ڊبيلو ايم جي صوبائي صدر سيد باقر زيدي، مسلم ليگ (ن) جي نهال هاشمي، اسلم گجر، پ پ جي صوبائي صدر نثار کهوڙو، سعيد غني، جي يوپي جي قاضي احمد نوراني، فلسطين فائونڊيشن جي صابر ابو مريم، اي اين پي جي يونس بونيري، قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو، مرڪزي اهل حديث مفتي يوسف قصوري، سني تحريڪ ثروت اعجاز قادري، مرڪزي مسلم ليگ جي فيصل عبدالرحمن، نديم اعوان، مسلم ليگ (ق) جي طارق حسن، ختم نبوت جي مولانا اعجاز مصطفي، ملي يڪجهتي ڪونسل جي صدر مولانا اسدالله ڀٽو، ممتاز شيعه عالم مولانا شهنشاه نقوي، مرزا يوسف حسين، سمال ٽريڊرز جي محمود حامد کي فلسطين ڪانفرنس جو دعوت نامو پهچايو. سڀني اڳواڻن فلسطين ڪانفرنس کي بروقت قدم قرار ڏيندي ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو آهي.