ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) رحيم يار خان جي عدالت ٻاهران ملير جي گهگهر واسي عرفان زهراڻي کي پنجاب پوليس پاران کنڀي گم ڪيل عرفان زهراڻي آزاد ٿي ويو، ڌرڻو ختم ڪيو ويو، گهگهر ڦاٽڪ واسي نوجوان عرفان زهراڻي کي 8 مهينا اڳ ملير مان کنڀي گم ڪرڻ بعد 3 مهينا اڳ پنجاب جي رحيم يار خان ٿاڻي تي 10 ڪلو چرس رکڻ جي الزام ۾ ايف آءِ آر ۾ ظاهر ڪيو ويو، 3 مهينا ڪيس هلڻ کانپوءِ رحيم يار خان جي عدالت طرفان آزادي بعد وري نوجوان کي کنڀي گم ڪيو ويو، گهگهر ڦاٽڪ وٽ قومي شاهراهه تي عرفان جي وارثن ۽ سول سوسائٽي، سماجي ماڻهن پاران سندس امڙ ۽ ڀيڻ جي اڳواڻي ۾ آزادي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو، عرفان زهراڻي کي پنجاب جي رحيم يار خان پوليس آزاد ڪري سنڌ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي پاران نوجوان جي آزادي جي خبر سندس وارثن کي ڏني وئي وارثن سميت گهگهر واسين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، نوجوان جي امڙ صحافين آڏو ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پٽ کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ کيس ڪوڙي ڪيس ۾ رحيم خان جي ٿاڻي ۾ چرس رکڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾ ظاهر ڪيو ويو اڄ منهنجو پٽ آزاد ٿي گهر پهچي ويو آهي، سنڌ مان کنڀي گم ڪيل منهنجي مڙس پٺاڻ زهراڻي سميت ٻين ماڻهن کي به ظاهر ڪيو وڃي.