افغانين جا 12 هزار کان وڌيڪ جعلي پاسپورٽ پاڪستاني سفارتخاني حوالي

اسلام آباد ( م ڊ ) افغان شهرين کي پاڪستاني شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي الزام جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان سعودي عرب 12 هزار کان وڌيڪ افغان شهرين جا پاسپورٽ پاڪستاني سفارتخاني ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن. واضح رهي ته سعودي عرب ۾ 12 هزار افغانين کان جعلي پاڪستاني پاسپورٽ وصولي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي هئي. ذريعن موجب گهرو وزارت ڊي جي پاسپورٽ اميگريشن مصطفيٰ جمال جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ گهرو وزارت، نادرا ۽ ايف آءِ اي جا اعليٰ آفيسر شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪميٽي  ۾ پاسپورٽ اميگريشن جو هڪ آفيسر سيڪريٽري جا فرض ادا ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي 15 ڏينهن ۾ جعلي پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۽ ان جي روڪٿام ۾ ڪردار بابت سفارشون پيش ڪندي ۽ ڪميٽي نادرا، ايف آءِ اي ۽ پاسپورٽ آفيسرن کي سعودي عرب موڪلڻ وقت ذميوارن جو به تعين ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.