اڳوڻي خاص معاون بنده علي لغاري سرڪاري گاڏي واپس نه ڪئي، رپورٽ اليڪشن ڪميشن حوالي

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر) اڳوڻي وڏي وزير جي معاون خاص بنده علي لغاري گاڏي واپس نه ڪئي،سروس جنرل کاتي طرفان رپورٽ اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏي، تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان پنج آڪٽوبر  2023 تي سنڌ جي نگران حڪومت کي هڪ ليٽر ذريعي اڳوڻي سنڌ ڪابينا کان سرڪاري گاڏيون ۽ سرڪاري گهر واپس ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو جنهن جي روشني ۾ سنڌ جي سروس جنرل ايڊمنسٽريٽر کاتي طرفان 6 آڪٽوبر تي سنڌ ڪابينا جي ٽن اڳوڻن خاص معاونن کي گاڏيون واپس ڪرڻ جا فائنل نوٽيس سندن گهرن جي ايڊريس تي اماڻيا ويا هئا اهڙي خط لکڻ ۽ عوامي آواز ۾ خبر لڳڻ کانپوءِ اڳوڻن خاص مددگارن مان ٻن ڄڻن شهزاد ميمڻ، ۽بنگل خان مهر سرڪاري گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ڪالهه تائين بنده علي لغاري  گاڏي واپس ناهي ڪئي اهڙي عمل بعد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سيڪريٽري جي اي طرفان خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته بنده علي لغاري وٽ ڪار نمبر جي ايس سي 298 ايڪسلائي ماڊل 2015 آهي جيڪا سروس جنرل ايڊمنسٽريٽر کاتي پاران ڏني وئي هئي،جڏهن ته لاڳاپيل کاتي جي خط لکڻ بعد هاڻي الڪيشن ڪميشن ڪاروائي ڪندي.ٻئي پاسي ڊاڪٽر بنده علي سان ڪافي ڀيرا موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان جو موبائل نمبر مسلسل بند وڃي رهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.