ايم ڊي ڪيٽ ۾ نقل ڪندڙ شاگردن تي پابندي لاڳوڪرڻ جو فيصلو

پشاور(م ڊ) ايم ڊي ڪيٽ ۾ نقل ڪندڙ شاگردن تي پابندي لاڳوڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو.خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پاران جاري ڪيل  اعلان موجب 219 شاگردن تي ٻن سالن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ڏيڻ تي پابندي لاڳو هوندي ياد رهي ته ايم ڊي ڪيٽ گذريل مهيني 10 سيپٽمبر تي منعقد ٿيو هيو ۽ مختلف سينٽرز ۾ شاگرد بليو ٽوٿ ۽ ذريعن سان نقل ڪندي پڪڙيا ويا وڏي پيماني تي نقل ڪندڙ سامهون اچڻ تي ڪي پي ڪي ڪابينا ٽيسٽ ملتوي ڪري ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي.

  • آرمي چيف جي قدم ڊالر کي ڪيرايو آهي:آباد چيئرمين

ڪراچي (رپورٽر ) آباد چيئرمين آصف سمسم آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي آمريڪي ڊالرن جي اسمگلنگ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدمن ذريعي قومي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد حاصل ڪرڻ تي ساراهيو آهي، جاري بيان ۾ هن چيو ته آرمي چيف پاران کنيل قدم ملڪ جي معاشي ترقي تي ڊگهي عرصي تائين مثبت اثر ڇڏيندا، هن چيو ته عالمي سطح تي خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان گڏ، انهن قدمن سان حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تاريخي 40 روپيا في ليٽر گھٽتائي ڪئي آهي، گذريل ڪجهه سالن ۾ معيشت جي غير يقيني صورتحال  کانپوءِ آرمي چيف سان واپاري برادري جون ملاقاتون ڪنهن تازي هوا کان گهٽ نه آهن.

  • چرس جي اسمگلنگ ناڪام، بين الصوبائي گينگ جو جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ضلعي ڪياماڙي موچڪو پوليس چرس اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏيو بين الصوبائي  منشيات فروشن جو اهم مددگار گرفتار ، ڪراچي پوليس ڪوئيٽا کان ڪراچي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي بين الصوبائي منشيات گينگ جي اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، موچڪو پوليس موچڪو چوڪي تي وڏي ڪارروائي ڪندي بين الصوبائي منشيات فروش گروپ جي مک ڪارندي بصير احمد کي گرفتار ڪري ورتو . ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو جو چوڻ آهي ته 3 مڻ کان وڌيڪ چرس ڪراچي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، برآمد ٿيل منشيات جي ماليت 80 لک رپين کان وڌيڪ آهي جڏهن ته منشيات ۽ گاڏي جي ڪل ماليت 2 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ آهي، جوابدار ڪوئيٽا چمن کان 22 ويلر ٽرالي ذريعي ڪراچي پهتا هئا.

  • ڪراچي ۾ تيز رفتار مسافر ڪوچ جي ٽڪر ۾ شاگردياڻي فوت

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي صدر ٿاڻي جي حد ڪينٽ اسٽيشن موڙ عسڪري ايجوڪيشنل ڪاليج آف گرلز وٽ تيز رفتار مسافر  ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ سبب شاگردياڻي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جنهن جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي شاگردياڻي جي سڃاڻپ فاطمه ولد ذوالفقار طور ٿي آهي ۽ ناظم آباد جو رهواسي آهي ايس ايڇ او صدر صفدر مشواڻي موجب فوت ٿيل شاگردياڻي پنهنجي پيءُ سان ڪاليج وڃي رهي هئي ته پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي ڪاليج جي سامهون بيهاري ڇڏيو ۽ شاگردياڻي ڪاليج وڃڻ لاءِ روڊ ڪراس ڪري رهي هئي ته حسن زئي روٽ تي مسافر ڪوچ شاگردياڻي کي ٽڪر هنيو. جنهن جي نتيجي ۾ شاگردياڻي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي ، جڏهن ته مسافر ڪوچ جو ڊرائيور ڪوچ سميت فرار ٿي ويو، سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.