حڪومت جو فلسطين مسئلي تي موقف واضح آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(م ڊ) نگران وفاقي وزير اطلاعات نشريات مرتضي سولنگي چيو ته حڪومت پاڪستان ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ  جو مسئلو فلسطين ۽ فلسطيني عوام غزه جي شهرين جي نسل ڪشِي تي ٻه ٽوڪ لڳاتار ۽ واضح موقف آهي. گذريل ڏينهن ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جده ڪانفرنس جي محرڪين مان هڪ آهي اسان جو نگران پرڏيهي وزير هن وقت بيجنگ ۾ ضرورت هجڻ جي باوجود او آئي سي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو . هن چيو ته نگران وزيراعظم پهرين ئي فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت بيجنگ ۾ موجوده عالمي اڳواڻ جي سامهون پيش ڪيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.