پاڪستاني اين جي اوز غزا واسين جي مدد ڪرڻ لاءِ ويزا رد ٿيڻ تي پريشان

اسلام آباد ( م ڊ ) اسرائيلي فوجن طرفان ڪيترن ئي ڏينهن کان لاڳيتو بمباري سبب غزا ۾ انساني صورتحال خراب ٿي وئي آهي، عالمي امدادي  تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته غزا ۾ ڦاٿل لکين ماڻهن کي بچائڻ جو  وقت هٿن مان نڪرندو پيو وڃي. رپورٽ موجب عالمي امدادي ادارن جيان پاڪستان ۾ غير سرڪاري تنظيمون به فلسطينين کي انساني امداد ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر اهي به بندش ۽ لاجسٽڪ مسئلن کي وڏو چئلينج قرار ڏئي رهيون آهن. ايڌي فائونڊيشن جي فيصل ايڌي خانگي ٽي وي کي ٻڌايو ته غزا جا سمورا رستا بند ڪري سيل ڪيا ويا آهن، هن وڌيڪ چيو ته فلسطينين لاءِ سندس دل ڏکايل آهي. فيصل ايڌي موجب پاڪستان ۾ امدادي ادارا مصر مان داخل ٿي سگهن ٿا پر هو پاڪستانين کي ويزا ڏيڻ کان به انڪار ڪري رهيا آهن. هن راءِ ڏني ته مصر ڊنل آهي ته انسانيت جي بنياد تي ويزا ڏيڻ آمريڪا کي سٺو نه لڳندو. سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي امجد چامڙيا چيو ته ڪنهن به ملڪ ذريعي غزا وڃڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته سرحدون بند ٿيڻ سبب پاڙيسري ملڪن جا ماڻهو به اتي نٿا پهچي سگهن. امجد چمڙيا جو چوڻ هو ته غزا جي عوام وٽ کاڌو، پاڻي، بجلي، ناهي، سموريون سهولتون ختم ڪيون ويون آهن ۽ غزا جي رهواسين کي تشدد ڪري قتل ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.