ڪراچي (رپورٽر) ڪتيرن ئي سالن کان گم ٿيل نوجوان عثمان نور عالم جي پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ نوجوان عثمان نورعالم جي آزادي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته نوجوان جي قبر ۽ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جو تفصيلي رڪارڊ درخواستگذار کي ڏياري رپورٽ پهرين نومبر تي عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته پوليس مقابلي جي ضرورت ڇو پيش آئي، درخواستگذار نوجوان عثمان جي پيءُ نورعالم پنهنجي وڪيل انورعلي شاهه جي معرفت موقف اختيار ڪيو ته ڪيتري ئي وقت کان پٽ گم هو، بعد ۾ خبر پئي ته سپر هاءِ وي تي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، پوليس کي ڪارروائي ڪرڻ جي حوالي سان درخواست ڏني ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته پٽ جو ڪهڙو ڏهو هو، پر انصاف ناهي ملي سگهيو، درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جي پٽ جي قبر ته ڏيکاري وڃي.
-
گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي ڪير مدد لاءِ تيار ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 11گم ٿيل ماڻهن جي آزادي جي حوالي سان ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته لڳي رهيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي گهروارن جي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، عدالت ئي هنن جي آخري اميد آهي، عدالت چيو گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ رياست جي ذميواري آهي، وفاقي گهرو کاتي جي سيڪريٽري ماتحت ادارن کان رپورٽس وٺي عدالت ۾ جمع ڪري، رپورٽس جيڪڏهن جمع نه ڪرايون ويون ته گهروکاتي جو سيڪريٽري عدالت ۾ اچي وضاحت ڏئي، مسلسل ناڪامي جي ڪري گم ٿيلن جا وارث مايوس ٿي ويا آهن، عدالت چئن هفتن لاءِ ڪيس کي ملتوي ڪري لاڳاپيل ادارن کان جواب طلب ڪري ورتو.
-
بجلي بل وصول ٿيندا ته لوڊشيڊنگ نه ڪنداسين: سيڪريٽري توانائي
اسلام آباد (م ڊ )تونائي واري سيڪريٽري راشد لنگڙيال چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جيڪي فيڊرز بجلي چوري کان پاڪ آهن اتي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي. مردان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي توانائي واري سيڪريٽري راشد لنگڙيال چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي 7 سيپٽمبر کان بجلي چوري خلاف مهم شروع ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ بجلي چورن کان 26 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 12 مهينن ۾ اهي وصوليون 300 ارب تائين پهچي وينديون. سيڪريٽري پاور چيو ته جيڪڏهن بل ڏنا ويا ته هو لوڊشيڊنگ نه ڪندا، سڄي ملڪ ۾ انهن فيڊرز ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي جيڪي بجلي چوري کان پاڪ آهن، مردان ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي. مردان شهر جا 17 فيڊر لوڊشيڊنگ فري ٿي ويندا.هن وڌيڪ چيو ته جن سرڪاري کاتن ڏانهن بجلي جون رهتون آهن انهن جي بجيٽ مان ڪٽوتي ڪئي ويندي.