فلسطيني ڊاڪٽر جي لاشن جي وچ ۾ پريس ڪانفرنس دنيا کي لوڏي ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) غزه ۾ الاهلي اسپتال تي اسرائيلي جهازن جي بمباري بعد اسپتال جي اندر سيڪريٽري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسرائيلي  فوجين حملي کان اڳ اسپتال جي ڊائريڪٽر کي ميزائل حملي جي ڌمڪي ڏني هئي، غزه شهر جي الاهلي اسپتال کي اسرائيلي جهازن نشانو بڻايو ويو، جتي طبي عملي، مريضن کانسواءِ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن پناهه ورتي هئي، واقعي بعد صحت واري وزارت جي انڊر سيڪريٽري يوسف ابو الريش اسپتال ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪئي جتي ان جي ڀرپاسي ۾ لاش به موجود هئا، ان حملي کان اڳ ۾ صبح جو اسرائيلي فورسز اسپتال جي ڊائريڪٽر داڪٽر مهر اياد کي فون ڪري ڌمڪي ڏني ته اوهان کي ڪالهه شيلنگ جي ذريعي خبردار ڪيو ويو هو ته هن وقت تائين اسپتال خالي ڇو ناهي ڪئي وئي،  ڊاڪٽر يوسف ابو الريش چيو ته دنيا ۾ واحد جاءِ جتي ماڻهن کي ميزائل فائر ڪري حملي کان خبردار ڪيو ويندو آهي اها غزه جي پٽي آهي، هي واحد جاءِ آهي جتي گهرن تي بمباري ڪري بمباري کان خبردار ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته اوهان سڀني اهي مجرماڻيون ڌمڪيون ٻڌيون هونديون پر اسرائيلي اڳواڻ کي ڪو شرم نه آيو، ڊاڪٽر طرفان لاشن جي وچ ۾ پريس ڪانفرنس دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.