سنڌ ليفٽ فرنٽ سکر ڪانفرنس ۽ کاٻي ڌر جي اتحاد لاءِ ڪوششون

تحرير: نثار لغاري

هن وقت جيتري تيزي سان حڪمران طبقن جون عوام دشمن پاليسيون لاڳو ڪيون ويون آھن ان تيزي سان عوام دوست سياست متحرڪ ناهي پر پوءِ  به وس آھر کاٻي ڌر پنهنجي سرگرمين کي جاري رکيو اچي.  هن وقت حڪمران طبقن جي من مستي به انهيءَ ڪري وڌي آھي جو کاٻي ڌر جي ملڪ گير سطح تي يا سنڌ سطح تي عوامي سماجي سياسي تنظيم ڪاري موجود ناهي ان ڪري عوام دشمن فيصلا مڙھي عوام کي بکن ۾ رهڻ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي.

انهيءَ سموري صورتحال ۾ وري به ڪميونسٽ وطن دوست قوتن جي شديد ضرورت آھي. مهانگائي، ڌاري آبادڪاري، معاشي استحصال، ڌاڙيل فيڪٽر، غير جمهوري قوتن جي  سگهه وڌڻ ھن وقت اهم ترين مسئلا آھن.  انهن عوام دشمن قدمن کي روڪڻ لاءِ  کاٻي ڌر جي قوتن جو وسيع اتحاد وقت جي گهرج آھي هن وقت سنڌ سطح کان ويندي ملڪ گير سطح تي هڪ منظم اتحاد وقت جي ضرورت آھي. هن اتحاد ۾ ڪميونسٽ پارٽي، عو امي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ کي شامل ڪرڻ لاءِ  ڪوششون جاري آھن  حيدر آباد کان پوءِ  سکر ۾ سنڌ ليفٽ فرنٽ جي ڪانفرنس ان حوالي سان اهم پيش قدمي آھي.

15 آڪٽوبر 2023 بروز آچر سنڌ ليفٽ فرنٽ پاران مھانگائي ، زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌ ۾ بدامني خلاف سکر پريس ڪلب ۾  "ڪانفرنس ” ٿي گذري جنھن ۾ پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي صدر مسرور شاھ ، وطن دوست جمھوري پارٽي جي صدر گل شير شر ، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر سيد لعل شاھ ، عوامي ورڪز پارٽي سنڌ جي صدر ضياء ڀٽي ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي خطاب ڪيو ـ ان سان گڏ شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سٺي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ آخر ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ  وارثن سان گڏ احتجاج ڪيو ويوـ

عالمي سطح تي اڄوڪو دور ڀڃ ڊاھ ، معاشي گھوٽالي ۽ جنگن جو دور آھي ـ ان صورتحال ۾ ھڪڙي پاسي فاشي قوتون اڀري رھيون آھن ته  ٻئي پاسي کاٻي ڌر جي قوتن کي وڌيڪ اتحاد ۽ منظم ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ـ  آمريڪي سامراجي آرڊر اندر چين ۽  ٻين طاقتن جي اڀار جي ڪري ڏار پئجي رھيا آھن  پر اڄ به  دنيا تي آمريڪي ڊالر ، فوج ۽ مالياتي ادارن جو غلبو آھي ـ عالمي سامراجي نظام  اندر وڌندڙ تضادن سبب آمريڪا ۽ اتحادي سامراجي ملڪ ھٿيارن جي ڊوڙ لڳائي دنيا کي جنگن ۽ ڀڄ ڊاھ ڏانھن  وٺي وڃي رھيا آھن ـ

يوڪرين جنگ کانپوءِ  ھاڻ دنيا وچ اوڀر ۾ ٻي جنگ ڏسي رھي آھي جنھن جو سڄي خطي ۾ ڦھلجڻ جو خطرو موجود آھي ـ اسرائيل جنگ وسيلي   پنھنجو سيٽلر بيٺڪيتي منصوبو فلسطين مٿان وڌيڪ مضبوطي سان مڙھڻ گھري ٿو ۽   فلسطينين جي نسلـڪشي ڪري رھيو آھي ـ جتي عالمي طور صورتحال ڀڃ ڊاھ ۽ بحران جي آھي اتي پاڪستان به  پنھنجي مخصوص نوعيت جي تضادن سبب شديد سياسي معاشي بحران مان گذري رھيو آھي ـ پاڪستان جهڙي عوام دشمن قوم دشمن مسواڙي رياست پھرين ڏينھن کان معاشي طور آمريڪا ۽  ان جي مالياتي ادارن تي ڀاڙيندي رھي آھي ـ ملڪ جي حڪمرانن ڪڏھن به  صحت، تعليم ، صنعت ۽ روزگار تي خرچ ناھي ڪيو بلڪي سڄو زور سڪيورٽي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سامراجي ملڪن جي جنگن ۾ لھي امداد حاصل ڪرڻ يا مظلوم قومن جا وسيلا وڪڻي ناڻو ڪمائڻ تي رھيو آھي ـ ان ڪري اڄ پاڪستان جي برآمد درآمد جي اڌ جيتري به  ناھي ـ اھڙي تجارتي خساري سبب پاڪستان بار بار عالمي مالياتي ادارن کان قرض وٺندو رھي ٿو ۽ سڄي معيشت کي انھن جي شرطن تي ھلائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي ـ تازو پبلڪ ادارن جي نجڪاري کي تيز ڪرڻ ، جنھن ۾ نگران حڪومت  پي آءِ اي کي نجي ھٿن ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي، اھي سڀ عالمي مالياتي ادارن جي معاشي پاليسين جو نتيجو آھي جنھن سان وڌيڪ بيروزگاري جنم وٺندي ـ

پاڪستان جو جي ڊي پي تي ٽيڪس جو ريشو دنيا ۾ سڀ کان گھٽ آھي ـ مالياتي خساري کي منھن ڏيڻ لاءِ  رياست ملڪيتدار طبقن تي سڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بجاءِ 80 سيڪڙو  ٽيڪس عام واھپي جي شين تي اڻ سڌو ٽيڪس لاڳو ڪيو ٿو وڃي ـ جنھن سان عام واھپي جي شين جي قيمتون آسمان سان ڳالھائي رھيون آھن ـ ھن وقت معاشي بحران ، مھانگائي ۽ بيروزگاري جو بنيادي سبب اھو آھي ـ ـ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو بھانو گردشي قرضو ڄاڻايو وڃي ٿو پر حقيقت اھا آھي ته  ان گردشي قرضن جون ذميوار IPPs ۽ انھن سان حڪومت پاران ڪيل معاھدا آھن ـ 1990ع کانپوءِ  جڏھن بجلي جي پيداوار نجي ڪمپنين کي ڏني وئي ته  حڪومت انھن نجي پلانٽن جو "ڪيپسٽي فنڊ ۽ توانائي فنڊ ” ڏيڻ جو طئي ڪيو ڀلي انھن پلانٽن تان حڪومت واڌو بجلي جي ڪري بجلي خريد ڪري يا نه  ! اھڙي صورتحال ۾ بجلي جي ھر نجي پلانٽ تي حڪومت کي 21 ملين ڊالر ھڪ سرڪاري پلانٽ کان وڌيڪـ ڏيڻا پون ٿا ـ ھاڻ ان گردشي قرض جو سڄو بار عام عوام تي وڌو پيو وڃي ـ

اھڙي بدترين صورتحال ۾ ملڪ جي ايسٽبلشمنٽ تاريخ مان سکڻ کان قاصر آھي ـ ھن سياست ۽ معيشت کي ملٽرائيز ڪرڻ جو نئون منصوبو جوڙيو آھي جنھن ۾ ھڪڙي پاسي لولي لنگڙي جمھوريت ۽ آئين کي به  پاسي تي رکي نگران حڪومت کي ڊگھي عرصي تائين ھلائڻ ۽ سافٽ ڪو ديتا جو تياريون ٿي رھيون آھن ۽ ٻئي پاسي مظلوم قومن جي رھيل ڪيل زمينن ۽ قدرتي وسيلن تي والار جو پروگرام تشڪيل ڏنو ويو آھي ـ "اسپيشل انويسٽمنٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ” جو مقصد به  اھو ئي آھي ـ ڪراچي پورٽ کي چاليھ سالن لاءِ  ابو دھبي کي ليز تي ڏيڻ ،  ڪارونجھر مان گرانائيٽ ڪڍڻ جون سازشون ، ساحلي پٽي کان ويندي ملير ۽ سڄي ڪوھستان  جي زمينن تي قبضا ۽ ھاڻ زراعت جي نالي ۾ عسڪري ادارن کي لکين ايڪڙ  زمينون ڏيڻ جو منصوبو ان ملٽرائيزيشن جي پلان جو حصو آھي ـاھو سڄو ڪم غيرآئيني طور بظاھر نگران حڪومت ذريعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ـ ان سان گڏ جمھوري قدرن ۽ آواز کي دٻائڻ جي صورت  اسان کي تازو سڪرنڊ ماڙي جلباڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس پاران چار ڳوٺاڻن کي شھيد ڪرڻ واري واقعي ۾ آڏو آئي جنھن ۾ پاڪستاني ادارن ايم آر ڊي ۽ ٽنڊو بھاول جي تاريخ کي ورجايو آھي ـ

 

انهن عوام دشمن قدمن کي روڪڻ لاءِ  کاٻي ڌر جي قوتن جو وسيع اتحاد وقت جي گهرج آھي هن وقت سنڌ سطح کان ويندي ملڪ گير سطح تي هڪ منظم اتحاد وقت جي ضرورت آھي. هن اتحاد ۾ ڪميونسٽ پارٽي، عو امي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ کي شامل ڪرڻ لاءِ  ڪوششون جاري آھن  حيدر آباد کان پوءِ  سکر ۾ سنڌ ليفٽ فرنٽ جي ڪانفرنس ان حوالي سان اهم پيش قدمي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.