ڪرغزستان ۾  ڦاٿل پاڪستاني شھر ي ۽ اختيارين جا آسرا

ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن کي واپس آڻن لاءِ،،وزيراعظم شهباز شريف هدايت تي خاص جھاز 450  شاگردن کي واپس آڻي رھيو آھي.پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس ڪرغزستان جي شهر بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي صورتحال تي گهڻي ڳڻتي آهي ۽ پاڪستان جي سفير کي هدايت ڪئي وئي آهي ته شاگردن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي.سندس چوڻ آهي ته منهنجي آفيس سفارتخاني سان به رابطي ۾ آهي ۽ صورتحال تي مسلسل نظر آهي.نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪرغز اختيارين سان رابطو ڪيو آهي.سرڪار بشڪيڪ ۾ خراب ٿيل صورتحال بعد حڪومت اھڙو قدم کنيو آھي.ڪرغزستان سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد مسلمان اڪثريت وارو ھڪ جدا ملڪ آھي.جنھن جي آباديءَ 60 کان 70 لکن تي ٻڌل آھي.جمعي واري ڏينھن سوين، ڪرغز ستان جي مقامي ماڻھن  بشڪيڪ ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ غيرملڪي شاگردن مٿان خطرناڪ حملا ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آھي.ھاسٽلن سان گڏ پرڏيھي شاگردن جي مسواڙ تي ورتل گھرن ۽ اپارٽمنٽس تي بھ حملا ڪيا ويا آھن.غير ملڪين ۾ هندستاني،بنگالي،مصري ۽ پاڪستاني شامل آھن.جنھن ۾ وڏو انگ پاڪستانين جو آھي.ھڪ اندازي موجب اتي 10 ھزارن کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد تعليم جي مقصد سان مختلف ادان ۾ پڙھن ٿا.جنھن ۾ بھ ميڊيڪل جي شعبي ۾ وڌيڪ شاگرد آھن.ميڊيا رپورٽس موجب پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن توڻي ٻين  لاڳاپيل ادارن اتي جي ميڊيڪل ادران مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن کي تسليم ڪن ٿا،باقي ادارن کي پاڪستان ۾ تسليم ئي نٿو ڪيو وڃي.پر ان ھوندي بھ سوشل اسٽيٽس ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ جي خيال سان ھر سال ھزارين شاگردن ان ملڪ جو رخ ڪن ٿا.جنھن لاءِ پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ اھڙي مھم ھلائي ويندي آھي.بشڪيڪ جي ڪنھن ميڊيڪل ادارن جي چونڊ ڪرڻ جو ھڪ سبب اتي جي تعليم تي ايندڙ گھٽ خرچ پڻ آھي.

ڪرغزستان ۾ پرتشدد واقعن جي اصل سبب بابت چيو ٿو وڃي تھ 13 تاريخ تي مصر  جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان موبائيل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران انھن ڪرغزستان جي ڇوڪرن کي خاصو ڪٽڪو ڏنو ھو،جنھن جون وڊيوز مقامي ماڻھن پنھنجي گروپن ۾ شيئر ڪيون،جنھن جي جواب ۾ مقامي ماڻھن منظم جٿن جي صورت ۾ غيرملڪين جي مٿان حملا شروع ڪري ڏنا.جنھن ۾ ھنن کي جيڪو بھ ھٿ آيو پئي ان تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو،تشدد جي اھڙي لھر اڀرڻ بعد مڇريل مقامي ماڻھن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ھاسٽلن تي پڻ حملا ڪيا ۽ انھن کي تشدد جو نشانو بڻايو.ڪرغزستان ۾ پاڪستان جي سفير حملن کانپوءِ علاج هيٺ آيل پاڪستانين سان ملاقات لاءِ ڪرغزستان جي نيشنل اسپتال جو دورو ڪيو.پرڏيھي ترجمان  بلوچ موجب ڪرغزستان کي چيو ويو آهي ته ڪرغزستان ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگردن ۽ شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ وٺي.پاڪستان تشدد جي واقعن تي ڪرغزستان کي احتجاج جو سفارتي نوٽ پڻ موڪليو آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ ڪاوڙيل ڪرغستان جي ماڻهن کي بشڪيڪ جي مختلف هاسٽلن ۽ اپارٽمنٽس ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ غير ملڪي شاگردن تي تشدد ڪندي ۽ سندن ملڪيتن کي نقصان پهچائيندي ڏٺو ويو.برق رفتار ميڊيا ۾ اھي وڊيوز سموري دنيا سان گڏ متاثر شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ملڪن ۾ بھ پھتيون آھن،جنھن ڪري ڳڻتي جي لھر پکڙجي وئي آھي.ٻئي طرف ڪرغزستان حڪومت چيو ويو آهي ته حملن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو، بشڪيڪ ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي،پر وائرل ٿيل وڊيوز ۽ ميڊيا ٽاڪ ڪرغزستان سرڪار جي دعويٰ کي رد ڪري رھيا آھن.ڪرغزستان جي ويڙهاڪن جي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪستاني ۽ ٻين پرڏيهي شاگردن جي صحيح انگ بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته ڪرغز ميڊيا موجب 29 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، پر سوشل ميڊيا تي 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اڻ تصديق ٿيل اطلاع آھن..

پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت موجب  اسلام آباد ۾ ڪرغزستان جي سفارتخاني جي انچارج ڊي افيئر ميلز مولداليف کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو ۽ صورتحال کان آگاھ ڪيو ويو.پاڪستان گهري ڳڻتي پڻ ظاھر ڪئي.ڪرغزستان جي مقامي ميڊيا موجب پاڪستانين سميت 29 پرڏيهين کي طبي امداد ڏني وئي آهي. تشدد ۽ خوف سبب مختلف شاگردن ھڪ ٻئي جي گھرن ۽ ڪمرن ۾ پناھ ورتي آھي.انھن چرپر محدود ڪري ڇڏي آھي.

ڇڙوڇڙ ھجڻ ڪري سموري شاگردن جو پاڻ ۾ رابطو نھ آھي.انھن وٽ کاڌي پيتي جو سامان بھ کٽي ويو آھي.ميڊيا جي رپورٽن موجب مقامي ماڻھون ڪنھن سان بھ ڪا رعايت ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن،ڪرغزستان جي پوليس ۽ ادارا ڪنھن بھ قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن.جيتوڻيڪ پاڪستان جي حڪومت دعويٰ ڪري رھي آھي تھ اھا صورتحال کان آگاھ آھي ۽ پنھنجي شھرين جي مدد لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھي آھي،پر ميڊيا جي آزاد ذريعن موجب پاڪستان جي اختيارين کي ڪرغزستان ۾ رھندڙ ڪل پاڪستان جي شھرين جو بھ اندازو نھ آھي.ياد رھي تھ ٻنھي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا آھن پر ڪرغزستان ۾ پاڪستان جو مڪمل سفارتخانو بھ آھي پر ان جي نمائندگي ڪندڙ آفيس ضرور موجود آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.