معاشري مان نفرتن جو خاتمو ڪيئن ڪجي؟

تحرير:سڪندر چنو

اڄ جي ترقي يافته دنيا جيڪا سوشل ميڊيا وسيلي هڪ ڳوٺ بڻجي وئي آهي.  اسان کي جسم ۽ جان جو سامان به مهيا ڪري ٿي. سماجي مسئلن اسان جي زندگي کي ششدر ڪري ڇڏيو آ. رواداري، اخلاق، اخلاص، برداشت، صبر، درگذر ڪرڻ، عدل ۽ انصاف جهڙيون صفتون به معاشرن جي فلاح ۽ خير جي ضامن آهن اهي خراب ٿي رهيا آهن. قومون هجن يا فرد طاقت جي اهائي زبان استعمال ٿي رهي آهي جيئن ماضيءَ ۾ استعمال ٿيندي هئي. پر اصل ۾ اخلاق جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي ۽ اخلاق انسان کي بلندين جا سير ڪرائيندو آهي. اڄ جي نفسانفسي واري عالم ۾ ماڻهن جو توڙي معاشري ۾ عدم برداشت فروغ وٺي رهيو آهي. جيڪو اسان جي سماجي مسئلن جو هڪ بنيادي سبب به آهي.

برداشت اها صفت آهي جنهن سان انسان جي اندر ۾ هڪ اهڙي قوت پيدا ٿيندي آهي جنهن سبب اهو جوش، اشتعال ۽ انتقامي جذبي جي باوجود درگذر ڪرڻ کان ڪم ورتو ويندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪنٽرول ڪندو آهي. جڏهن ته عدم برداشت مان اها مراد اهو منفي رويو آهي جو جڏهن ڪنهن جي راءِ، سوچ، رويو يا نقطعه نظر سان توهان متفق نه هجو ۽ فڪر ۽ نظر سان اختلاف کي برداشت نه ڪري سگهو. هڪ ٻيو نامناسب ۽ اڻ وڻندڙ رويي جو اظهار ڪري وٺو. درگذر کان ڪم وٺڻ سان ڪمزوري يا بزدلي ناهي هوندي. بلڪه الله پاڪ طرفان رحمت جو هڪ اظهار آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته پنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي تي ڪنٽرول ڪيو ۽ معاف ڪري ڇڏيو. برداشت قرآن پاڪ معاشري جي عمارت اخلاق ۽ محبت جي ٿنڀن تي بيٺل آهي. جڏهن اهي خصوصتيون انسان مان هليون وڃن ته پوءِ اهو انسان تيزيءَ سان پنهنجي منطقي انجام يعني تباهي طرف گامزن ٿي ويندو آهي. سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ، رواداري، صبر، تحمل ۽ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ، هڪ ٻئي جي ڳالهه غور سان ٻڌڻ، ۽مسئلن تي ٿڌي دماغ سان ويهي سوچي انهن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ اهي اهڙيون انساني جبلت جون خوبيون آهن جنهن جي ڪري معاشري ۾ امن، سڪون، جو وقت گذرندو آهي. جن معاشرن ۾ انهن خوبين جي گهٽتائين هوندي آهي ان معاشري ۾ بي سڪوني، بي آرامي، ڪاوڙ، تشدد کان علاوه وڏيون وڏيون برايون جنم وٺنديون آهن. اسان جو اڄ جو معاشرو پڻ اهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي. اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته فيصلن ڪرڻ وقت ڌرين کي اڳتي وڌڻ نه ڏيون ۽ ڌرين کي کير کنڊ ڪري معاشري مان امن و امان جو پيدا ٿيل مسئلن کي ختم ڪيون. جهيڙن سبب ۽ عدم برداشت سبب معاشري مان ٻار تعليم جهڙي زيور کان به محروم رهجي وڃن ٿا.

عدم برداشت معاشري ۾ وڌي رهيو آهي. جيڪا ڳڻتي واري ڳالهه آهي. ماڻهن جي اندر ۾ ذري جي به برداشت ڪانهي. ننڍين ننڍين ڳالهين تي هڪ مٿان تشدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. جيڪا نقصار ڪار ڳالهه آهي. جن قومن ترقي ڪئي آهي انهن ۾ برداشت، سهپ، رواداري ۽ ٻيون کوڙ ساريون خوبيون انهن ۾ موجود آهي. وڏي ڳالهه ته انهن قومن تعليم ڏانهن تيزيءَ سان وک وڌائي آهي. جنهن جي ڪري انهن جا معاشرا به سڌرندي ترقي ڪري رهيا آهن. هر ماڻهو عدم برداشت ۽ ڪاوڙ غصي سان ڀريل نظر اچي ٿو. ۽ هر ماڻهو نفسانفسي ۾ مبتلا آهي پر اهڙي نفسا نفسي به انسان جي روح جي خلاف آهي. اڄ جنهن ماڻهو کان زندگيءَ جو حال احوال وٺون ٿا ته ان کي کولڻ کان پوءِ ان وٽ 10 ڳالهيون ٻيون به نڪري اچن ٿيون. سر جو جواب پٿر سان نه ڏيڻ گهرجي. نشي ۽ جوا واپرائڻ سان به اسان جي معاشري تي خراب اثر پون ٿا. ان خلاف يڪسر قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. نوجوانن کي تعليم طرف اچڻ گهرجي ۽ چٽاڀيٽي وارن امتحانن ۾ ويهڻ گهرجي. نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ لاءِ جاڳرتا مهم شروع ڪرڻ گهرجي. هڪ عورت جي پڙهيل هجڻ سان پورو خاندان سڌري وڃي ٿو. اسپتالن جو حال ڏسو، ٽريفڪ جو نظام ڏسو. هر طرف نفسانفسي لڳي ويئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کان ڪا غلطي ٿئي ۽ ان غلطي جي معافي وٺي ته ان کي معاف ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته معاف ڪرڻ ۾ ئي خير ۽ عافيت آهي. معاف ڪرڻ وقت دل کي وڏو ڪرڻ گهرجي. جنهن ۾ قوت برداشت ۽ سهپ هوندي آ. اها دنيا ۾ ترقي شاهراهن تي هوندو آهي. جيڪڏهن صبر ۽ سهپ کان ڪم ورتو وڃي ته زندگي ڏاڍي سک واري گذرندي آهي. پنهنجي اندر ۾ اخلاق، سهپ، محبت پيدا ڪرڻ گهرجي. ننڍين ننڍين مسئلن کي وڏن مسئلن ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي. هاڻي حقيقت اهيا آهي جيڪڏهن اسين پنهنجي معاهدي ۾ سهپ ۽ برداشت پيدا ڪيون ته اسين ٻين قومن جيان ترقي جي طرف هلي سگهون ٿا. معاشري جي هر فرد جي ذميواري آهي ته ننڍن ننڍن ذاتين ۾ پيدا ٿيل مسئلن کي وڏو نه ڪيو وڃي. ان سان خوني تڪرار شروع ٿين ٿا ۽ پوءِ علائقي ۾ روزگار ۽ امن و امان جو مسئلو پيدا ٿيندي تعليم به تباهه ٿي وڃي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.