ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر حادثي تي صدر ۽ وزيراعظم جا بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر حادثي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جا بيان سامهون اچي ويا.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي هيلي ڪاپٽر حادثي بابت خبر تي گهري ڳڻتي آهي، صدر رئيسي جي صحت ۽ سلامتي لاءِ دل سان دعاڳو آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي بابت حادثي جي خبر افسوسناڪ آهي، بيچيني سان سٺي خبر جو انتظار آهي ته سڀ ٺيڪ آهي.
هن چيو ته اسان جون نيڪ خواهشون ايراني صدر ۽ قوم سان گڏ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.