ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير سيمت 9 ڄڻا هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت، پاڪستان ۾ سوڳ جو اعلان

 

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير جِي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي ايراني حڪومت تصديق ڪري ڇڏي.
ايراني صدر جي فوت ٿيڻ جو سرڪاري اعلان امام رضا جي روضي تي ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايراني صدر ابراهيم رئسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن.
ايران جي خابرو اداري تهران ٽائمز جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر سان حادثو آذربائيجان جي علائقي تبريز کان هڪ سئو ڪلو ميٽر پري پيش آيو جنهن ۾ گورنر تبريز پڻ فوت ٿي ويو آهي.
تهران ٽائمز موجب، آيت الله خامنه اي جي نمائندي سميت هيليڪاپٽر ۾ سوار 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ايراني اختيارين موجب، ڪجهه لاش سڙي ويا جيڪي سڃاڻپ جوڳا ناهن.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر جو ملبو هڪ جبل تان مليو، ريسڪيو ٽيمون ملبي تائين پهچي ويو آهن، جڏهن ته هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه تبريز جي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.…
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي سوڳ جو اعلان ڪيو جنهن دوران قومي جهنڊو جهڪيل آهي.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايراني صدر جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار، وزيراعظم شهباز شريف ايراني سفارتخاني جو دورو ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم چيو ته ايراني صدر جي وفات تي پاڪستان ۾ سوڳ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ قومي جهنڊو جهڪيل رهندو.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري به ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي وفات تي پونئرن سان تعزيت ڪئي جڏهن ته صدر مسلم دنيا لاءِ ابراهيم رئيسي جي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي.
ان کانسواءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر پرڏيهي وزير سميت 9 ڄڻن جي المناڪ موت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سميت 9 ڄڻن جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ايران جي عوام سان تعزيت ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته هن افسوسناڪ واقعي تي هر پاڪستاني ڏک ۾ آهي ۽ پنهنجي ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ شهرين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا.

#Iran #Ebrahimraisi #Helicoptercrashiran

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.