سون چوٽ چڙهي ويو، هزارين رُپيا واڌ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ في تولو سون 23 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ اڍائي لک رپين جو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولي سون جي قيمت 23 سئو رپيا واڌ بعد ٻه لک 50 هزار 4 سئو رپيا آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1972 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 14 هزار 678 رپين ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 20 ڊالر چاڙهه بعد 2449 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

#Gold #Rate #Paksitan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.