هيٽ ويو جو خدشو، ڪراچي ۾ نائين ۽ ڏهين جا امتحان ملتوي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ امڪاني هيٽ ويو جي خدشي کي نظر ۾ رکندي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن.
بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي طرفان جاري پڌرائي موجب، 21 کان 27 مئي دوران شيڊول ميٽرڪ بورڊ جا پرچا ملتوي ڪيا ويا آهن جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، يونيورسٽي اينڊ بورڊز بابت صوبائي وزير جي حڪم تي ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن ۽ هاڻ ميٽرڪ بورڊ جا امتحان 28 مئي کان شيڊيول موجب ٿيندا.
ياد رهي ته ان کان اڳ انٽر ميڊئيٽ جا امتحان ملتوي ڪيا ويا هئا، هاڻ انٽر جا امتحان 22 مئي بدران 27 مئي کان شروع ٿيندا.

#BSEK #Karachi #Sindh #Annualexams

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.