پاڪستان ڪرڪيٽ سان محبت ڪندڙن جو ملڪ آهي: روهت شرما

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما چيو آهي ته هو پاڪستان کي تمام بهترين ٽيم سمجهي ٿو ۽ پاڪستان وٽ بهترين نوجوان تيز بالر آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، روهت شرما چيو آهي ته هو نٿو ڄاڻي ته پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ جو اسٽيٽس ڇا آهي، مان اِهو ئي چوندس ته مون کي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ڇو ته مان ڪرڪيٽ آهيان.
هن پاڪستان ٽيم بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جا نوجوان فاسٽ بالر انتهائي مضبوط آهن، پاڪستان جي بيٽنگ به بهترين آهي، مجموعي طور ته مان سمجهان ٿو ته پاڪستان هڪ سٺي ٽيم آهي.
روهت شرما چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ مختلف هوندي آهي، عوام پاڪستان ۽ ڀارتي ٽيمن کيڏندو ڏسڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته پاڪستاني مداحن طرفان پيغام ملندا آهن جنهن تي خوشي ٿيندي آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ تي تمام گهڻي محبت ڪندا آهن.
ڀارتي ڪپتان وڌيڪ چيو ته آسٽريليا ۾ اوهان کي چئلينج جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، اهڙي ريت انگلينڊ ۾ به اوهان جي صلاحيتن جو امتحان هوندو آهي.

#CRICKET #India #Pakistan #BCCI #PCB

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.