هيٽ ويو لهر، هڪ هفتي تائين سمورا اسڪول بند رکڻ جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) هيٽ ويو جي خطري کي نظر ۾ رکندي پنجاب ۾ سمورا اسڪول ستن ڏينهن لاءِ بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، هيٽ ويو سبب پنجاب جي اسڪولن کي فوري طور تي 25 مئي کان 31 مئي تائين بند ڪيو ويو آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب ۾ هيٽ ويو سبب اسڪولن ۾ ست ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، سمورا سرڪاري توڻي خانگي اسڪول 25 مئي کان 31 مئي تائين بند رهندا.
ٻئي پاسي پي ڊي ايم اي پنجاب هيٽ ويو بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 21 مئي کان 27 مئي دوران پنجاب ۾ هيٽ ويو جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، هيٽ ويو جي لهر دوران ميداني علائقا خاص طور ڏکڻ پنجاب سخت گرميءَ جو امڪان آهي.

#Punjab #PDMA #Heatwave

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.