هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن پاڪستاني ٽيم کي جوائن ڪري ورتو

ليڊز ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وائٽ بال هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ڪپتان بابراعظم گيري ڪرسٽن جي آجيان ڪئي.
هيڊ ڪوچ ليڊز پهچي ٽيم کي جوائن ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي سينيئر مئنيجر وهاب رياض گيري ڪرسٽن کي ٽيم جي ٽريننگ شرٽ پيش ڪئي، گيري ڪرسٽن سومر کان ٽيم جي پريڪٽس سيشن جي نگراني ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 22 مئي کان 30 مئي تائين کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 22 مئي تي هيڊنگلي ليڊز ۾ کيڏي ويندي.

#GaryKirsten #PCB #ECB

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.