ايراني صدر هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت، اسرائيل جو ردعمل سامهون اچي ويو

تل ابيب ( ويب ڊيسڪ ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبدالنهيان جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي اسرائيل جو ردِعمل به سامهون اچي ويو آهي.
ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، روس، چين، آذربائيجان، ۽ گڏيل عرب رياستن ۾ سميت مختلف ملڪن طرفان ايراني اختيارين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسرائيلي اختيارين بابت چوڻ آهي ته ايران ۾ ابراهيم رئيسي کي پيش آيل هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اسرائيل ڪو ڪردار نه آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي اختيارين نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ هو ملوث نه آهن.
ياد رهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير جِي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي ايراني حڪومت تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ايراني صدر جي فوت ٿيڻ جو سرڪاري اعلان امام رضا جي روضي تي ڪيو ويو، جنهن ٻڌايو ويو ته ايراني صدر ابراهيم رئسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن.
ايران جي خابرو اداري تهران ٽائمز جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر سان حادثو آذربائيجان جي علائقي تبريز کان هڪ سئو ڪلو ميٽر پري پيش آيو جنهن ۾ گورنر تبريز پڻ فوت ٿي ويو آهي.
تهران ٽائمز موجب، آيت الله خامنه اي جي نمائندي سميت هيليڪاپٽر ۾ سوار 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ايراني اختيارين موجب، ڪجهه لاش سڙي ويا جيڪي سڃاڻپ جوڳا ناهن.

#Iran #Ebrahimraisi #Helicoptercrashiran  #Israel

ا ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.